Friday , April 19 2024

ايس ايس پي شڪارپور صوبائي وزير امتياز شيخ کي ڏوهارين جو ساٿاري قرار ڏئي ڇڏيو

صوبائي وزير امتياز شيخ شڪارپور ضلعي ۾ بدامني جو ڪارڻ ۽ ڏوهارين جو سرپرست آهي، پوليو ٽيم تي حملي ۽ ڦر وارو واقعو به هن ڪرايو:ايس ايس پي شڪارپور

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌ سماءَ چار) ”صوبائي وزير امتياز شيخ شۡارپور ضلعي ۾ ڏوهارين جي سرپرستي ڪري ٿو، غيرقانوني هٿيار وڪرو ڪرڻ سميت ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهي“، اهو چوڻ آهي ته ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان جو، جيڪو هن شڪارپور ضلعي جي امن امان بابت جوڙيل ڳجهي رپورٽ ۾. ذريعن موجب ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان پاران جوڙيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شڪارپور ضلعي اندر بدامني ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهي، ڪچي ۾ ڏهارين کي سهولتون مهيا ڪرائڻ ۾ به ملوث آحي، ايس ايس پي پاران جوڙيل رپورٽ ۾ امتياز شيخ مٿان لڳايل الزامن ۾ وڌيڪ چيو ويو آحي ته، امتياز شيخ پنهنجو سياسي اثررسوخ قائم رکڻ لاءِ ڪرمنل ماڻهن جي گينگ ٺاهي ڇڏي آهي جنهن جي ذريعي ڏوهاري سرگرمين ذريعي سياسي مخالفن کي دٻايو وڃي ٿو، امتياز شيخ، سندس ڀاءُ مقبول شيخ ۽ امتياز جو پٽ فراز شيخ ان سڄي گينگ کي هلائين ٿا.

ڊاڪٽر رضوان پاران ڳجهي رپورٽ ۾ اهو به چيو آهي ته  شڪارپور ۾ پوليو ٽيم تي ٿيل حملي ۽ ڦر وارو واقعو به صوبائي وزير امتياز شيخ ئي ڪرايو هو. ويهن پنن / صفحن تي مشتمل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، امتياز شيخ وڏي عرصي کان شڪارپور ض:عي اندر پوليس آفيسرز کانسواءِ ٻين انتظامي عهدن تي به پنهنجا ماڻهو مقرر ڪرائيندو آهي، جيڪو آفيسر کيس سنوت ناهي ڏيندو ته ان خلاف مختلف طريقن سان پريشان ڪرايو ويندو آهي. رپورٽ مطابق صوبائي وزير امتياز شيخ ايس ايڇ او کان وٺي ايس ايس پي تائين من پسند مقرريون ڪرائي پوليس جي ڳجهي معلومات ڏوهارين ۽ منپسند ماڻهن تائين پهچايندو آهي. ايس ايس پي رضوان پنهنجي رپورٽ ۾ وڌي اهو به ڄاڻايو آهي ته، ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان پنهنجي سيڪريٽ رپورٽ ۾ چيو آهي ته صوبائي وزير امتياز شيخ شڪارپور ضلعي جي ڪچي جي ڏوهارين سان رابطن ۾ رهيو آهي، اُهي ڏوهاري شڪارپور ضلعي جو امن امان خراب ڪري رهيا آهن، ڳجهي رپورٽ ۾ امتياز شيخ موبائل ۽ پي ٽي سي ايل فون لائزن جو رڪارڊ به شامل ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *