Saturday , April 20 2024

ايس ايس پي ساڳيو! الزامن هيٺ ٻيو صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي جو اڳواڻ

الزامن هيٺ ٻيو صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي جو اڳواڻ، ايس ايس پي ساڳيو! سعيد غني جي ڀاءُ فرحان غني تي ڪرائي جو قاتل ۽ منشيات جو ڪاروبار ڪرڻ جو الزام

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) صوبائي وزير امتياز شيخ تي ڏوهارين جي ساٿاري هجڻ وارن الزامن کان پوءِ صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ خلاف به پوليس سيڪريٽ رپورٽ منظر تي اچي وئي آهي، سعيد غني تي به ايس ايس پي رضوان خان ساڳئي قسم جي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. صوبائي وزير امتياز شيخ خلاف سيڪريٽ رپورٽ تيار ڪندڙ ايس ايس پي شڪارپور۽ جمشيد ٽائون ڪراچي جي تڏهوڪي ايس پي ڊاڪٽررضوان پاران تيارڪيل صوبائي وزير پ پ جي سينئر اڳواڻ سعيد غني جي سيڪريٽر رپورٽ به منظر تي آندي وئي آهي. ايس ايس پي رضوان جي تيار ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ فرحان غني جا ڏوهارين ۽ منشيات فروشن سان لاڳاپا آحن ۽ پاڻ به ان ۾ ملوث آهن. امتياز شيخ خلاف سيڪريٽ رپورٽ تيار ڪندڙ ايس ايس پي شڪارپور اٽڪل 25 مهينا اڳ جڏهن ڪراچي جي جمشيد ٽائون ۾ ايس ايس پي هو، تڏهن هُن صوبائي وزير سعيد غني خلاف به مبينا سيڪريٽ رپورٽ تيار ڪئي هئي، جيڪا هاڻي منظر عام تي اچي وئي آهي.

رپورٽ ۾ چيو وي آهي ته، صوبائي وزير سعيد غني جو ڀاءُ فرحان غني ڀاڙتي جي قاتلن ۽ منشيات فروشن جو سهولتڪار آهي، چنيسر ڳوٺ ۾ فرحان غني ۽ حسن عرف ناٿا جي مضبوط نيٽ ورڪ آهي، حسن ناٿا صوبائي وزير سعيد غني جو ويجهو مائٽ آهي. مبينا سيڪريٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته حسن ناٿا ۽ فدا جوڳي جاچ دوران فرحان غني سان رابطن جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽ موجب فرحان غني ڏوهارين سان مستقبل رابطن ۾ آهي ۽ اُن جي ڪال رڪارڊ به رپورٽ جو حصو آهي. مبينا رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته منشيات فروشن جو ويجهو ساٿي ظهير احمد صوبائي وزير سعيد غني جي آفيس ۾ ملازم آهي، محمود آباد پوليس اسٽيشن جو اهلڪار به منشيات فروشي ۾ ملوث آهي، جڏهن ته ايڪسائيز کاتي جو عملدار رئوف منشيات فروشن سان گڏ مليل هو.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *