Saturday , April 20 2024

ايران مان ڪراچي ايئرپورٽ پهتل ڪنهن به ماڻهو جي اسڪيننگ نه ٿيڻ جو انڪشاف

ايئرپورٽ تي ايران کان آيل ڪنهن به شخص جي اسڪريننگ نه ڪئي، ان ۾ لاڳاپيل سمورن ادارن جي لاپرواهي شامل آهي:سنڌسماءَچار جا ذريعا

ڪراچي (رپورٽ:اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سول ايوي ايشن سميت لاڳاپيل اختيراين جي نااهلي، ايران مان هلندڙ مهيني دوران زيارتن تان واپس هوائي سفر ذريعي سنڌ پهتل ماڻهن جي ڪراچي ايئرپورٽ تي اسڪيننگ نه ٿيڻ جو انڪشاف. ڪراچي واسي هڪ ڄڻي کي ڪرونا وائرس جي تصديق بعد ايران مان واپس آيل ماڻهن بابت ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، 15هين فيبروري کانپوءِ 600 کان وڌيڪ ماڻهن جو واسطو  سنڌ جي مختلف شهن سان آهي، جيڪي 15 فيبروري کانپوءِ ۽ ٻيا ان کان اڳ 28هين جنوري کان پوءِ يران مان پاڪستان آيا هئا انهن ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي ايران کان اڳ عراق ۽ دبئي به ويا هئا. ڪورونا وائرس جي مريض سان گڏ آيل 28 ماڻهن ۽ سندس گهر ڀاتين جي طبي چڪاس لاءِ مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا هئا، جن مان ان نوجوان جا سمورا گهر ڀاتي ڪرونا جي وائرس ۾ مبتلا ناهن، ۽ سموريون ٽيسٽ نيگيٽو آيون آهن. ان سلسلي ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس جي ذريعن سنڌ سماءَچار کي ٻڌايو ته، ايئرپورٽ تي لاڳپيل اختيارين مان ڪنهن به ايران کان آيل مڻهن جون ميڊيڪل واريون گهرجون توڙي ڪرون اسڪريننگ به نه ڪئي هئي. جنهن جي انهن تي ذميواري هئي.

ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پريس  ڪانفرنس ڪندي چيو ته، فيبروريءَ ۾ ايران مان 1500 ماڻهو سنڌ ۾ آيا آهن، اُنهن سمورن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ فون نمبرز سوڌو سموري ڊيٽا حاصل ڪئي وئي آهي. اُنهن ماڻهن سان يوسي سطح تي رابطا ڪيا ويندا ۽ هڪ ماهر ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪندو، جنهن بعد اُنهن جي رت جا جُزا ورتا ويندا ۽ جيڪڏهن اُنهن ۾ ڪورونا وائرس جون علامتون نه هونديون، تڏهن به کين هدايت ڪئي ويندي ته 15 ڏينهن تائين گهر ۾ ئي موجود رهن ۽ ٻاهر نه نڪرن، ضلعي سطح تي ان حوالي سان اپاءَ ورتا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *