Saturday , April 20 2024

اومني گروپ جي سي اي او، سندس گهرواري ۽ سنڌ حڪومت جي آفيسرز خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل جي سلسلي ۾ هڪ وڌيڪ ڪرپشن ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، اومني گروپ جي سي اي او غني مجيد جي گهرواري به جوابدار نامزد، سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جا سيڪريٽريز ۽ آفيسرز به جوابدارن جي فهرست ۾ شامل ڪيا ويا آهن. نيب جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي جي جاچ جي بنياد تي مختلف ريفنرسز داخل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي، گذريل 1 ڏينهن دوران چار ڪرپشن ريفرنسز داخل ڪيا ويا آهن. نيب اڄ چوٿون ريفرنس به داخل ڪري ورتو آهي. تازو داخل ڪرايل ڪرپشن ريفرنس ۾ سنڌ حڪومت جي اسپيشل انيشيٽو ڊپارٽمينٽ جي اڳوڻي سيڪريٽري اعجاز احمد خان، ٺٽي ضلعي کي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ جوڙيل پروڪيورمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين حسن علي ميمڻ، ڪميٽي جي ميمبرن علي اڪبر ٻرڙو، اعجاز احمد ميمڻ، اطهر نواز دراني، عبدالحليم ميمڻ، محمد فرخ خان، محمد رمضان، محمد صديق سليماني، ذيشان يوسف ۽ خانگي ٺيڪيدار هريش سميت 13 ڄڻن کي جواب دار طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڪرپشن ريفرنس ۾ اومني گروپ جي چيف آپريٽنگ آفيسر خواجا عبدالغني مجيد ۽ مناهل مجيد به جوابدارن واري فهرست ۾ شامل آهن.

ڪرپشن ريفرنس ۾ ٺٽي کي پاڻ مهيا ڪرڻ واري منصوبي لاءِ جوڙيل پروڪيورمينٽ ڪميٽي جي اڳوڻي سيڪريٽري اعجاز احمد خان ۽ پروڪيورمينٽ ڪميٽي جي سمورن ميمبرن خلاف اختيارن جو غير قانوني استعمال ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن سان انهن منپسند ٺيڪيدارن ذريعي ٺيڪا ڏئي سنڌ جي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. ريفرنس ۾ جوابدار طور شامل ڪيل ماڻهن تي اهو به الزام آهي ته، انهن ڪوڙن بئنڪ اڪائونتس ذريعي رقمن جي ڏيتي ليتي ڪئي، انهن پئسن ۽ اڪائونٽس جي استعمال سان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ زمينون ۽ قيمتي پلاٽ خريد ڪيا ويا. نيب پاران داخل ڪرايل چوٿين ريفرنس ۾ جوابدار ڄاڻايل اومني گروپ جي سي اي او کي مفرور جوابدار ڄاڻايو ويو آهي، جوابدار تي الزام آهي ته هن ڪراچي جي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي قيمتي پلاٽ خريد ڪيا جيڪي سندس گهر واري جي نالي تي رجسٽرڊ ڪرايا ويا. اومني گروپ لاءِ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته، آصف زرداري جي ويجهي ۽ انتهائي بااعتماد دوست ۽ ڪاروباري شراڪت دار انور مجيد پاران اومني گروپ 1981 ۾ صرف 600 رپين ۽ ويهن سالن کانپوءِ 2001 ۾ 6000 رپين جي سيڙپڪاري سان ڪاروبار شروع ڪيو. اومني گروپ مختلف بئنڪن، سرڪاري ادارن، سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جي ٺيڪن سميت مختلف غيرقانوني طريقن سان ڪاروبار ڪندي رهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *