Saturday , April 20 2024

اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر منور مهيسر جو همٿ ڀريو قدم

نيٺ 38 سالن کانپوءِ لنواري شريف جي درگاهه عقيدتمندن لاءِ کولي وئي

بدين( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽيٽر 38 سالن کان بند پيل لنواري شريف جي درگاهه کولرائي ڇڏي آهي، درگاهه کلڻ کانپوءِ سوين عقيدتمند درگاهه تي پهچي ويا ۽ حاضري ڀري. اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر منور مهيسر جمعي ڏينهن لنواري شريف پهچي، 1983 ۾ ۾ بند ڪيل بزرگ سلطان اولياءَ خواجا محمد زمان لنواري واري جي درگاهه کولرائي. درگاهه لنواري شريف ٻن ڌرين ۾ تڪرار کانپوءِ 38 سال اڳ ان کي سيل ڪيو ويو هو. شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي پارکو ۽ محقق انب گوپانگ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پيغام ۾ چيو آهي ته، ” دادا ڀائي، دمائي پيرن ۽ سندن ساٿارين حضرت پير گل حسن شاھ جي جي انتقال پڄاڻان درگاهه ۽ دولت تي قبضو ڪيو ۽ ستن هارين کي شهيد ڪيو“  هو.

هن چيو ته درگاهه کي کوليو ويو آهي ته ته هاڻي ان تي ڪنهن کي به نه روڪيو وڃي، ڪنهنجي لاءِ ڪا به روڪ ٽوڪ نه هئڻ گهرجي ۽ سڀني ماڻهن کي اتي اچڻ وڃڻ/ حاضري ڀرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي. درگاهه سميت علائقي ۾ امن امان لاءِ به انتظام ڪيو وڃي. انب گوپانگ سمورن ماڻهن ۽ درگاهه جي عقيدتمندن توڙي کي به اپيل ڪئي آهي ته اُهي پيارامن ۽ محبت سان امن جو پيغام وڌايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *