Saturday , April 20 2024

اورنگي ٽائون ۾ اسڪول وين کي باهه، 10 ٻارڙا سڙي زخمي، سُتل سنڌ حڪومت جاڳي پئي

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري عجلائقي ۾ اسڪول جي جي هاءِ روف وين کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 10 ٻارڙا سڙي زخمي ٿي پيا، واقعي کانپوءِ سُتل سنڌ حڪومت به جاڳي پئي آهي، تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز کاتي جي وزيرن نوٽيس ورتو آهي، باهه وين جي شارٽ سرڪٽ مان لڳڻ بابت ٻڌايو پيو وڃي. وين جو چئن سالن کان ٽئڪس به ادا ناهي ڪيو ويو. اورنگي ٽائون ۾ ڇنڇر ڏينهن صبح جو ٻارڙن کي اسڪول کڻي ويندڙ هاءِ روف وين نمبر ڪي سي 7490 کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي. وين کي باهه لڳڻ شرط ڀرپاسي ۾ موجود ماڻهن فائربرگيڊ ۽ پوليس هيلپ لائن 15 تي به اطلاع ڪيو ۽ فوري طور تي پنهن جي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اڌ ڪلاڪ تائين نه پوليس پهتي ۽ نه فائربرگيڊ، جيڪڏهن علائقي واسي همٿ نه ڪن ها ته شايد وڏو جاني نقصان ٿي وڃي ها.

اسڪول وين کي لڳل باهه وسائڻ بعد علائقي واسين ۽ ايڌي رضاڪارن سڙي زخمي ٻارڙن کي قطر اسپتال منتقل ڪري ابتدائي طبي امداد ڏياري، جنهن بعد سمورن ٻارڙن کي رٿ فائو سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج هلندڙ آهي. اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته 3 ٻارڙن جي حالت خراب آهي جن جي حياتي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ايڪسائيز کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثر هاءِ روف وين جو ماڊل 2008 آهي، جيڪا رجسٽر ٿيل آهي. هاءِ روف وين جو گذريل چئن سالن کان ٽئڪس به ادا ناهي ڪيو ويو.

واقعي کانپوءِ سُتل سنڌ حڪومت جيڪا ڪنهن به وڏي واقعي کانپوءِ ئي قانون تي عملدارآمد ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويندي آهي. تعليم کاتي جي وزير سيد سردار شاهه، ٽرانسپورٽ واري وزير سيد اويس قادر شاهه ۽ ايڪسائيز کاتي واري وزير مڪيش ڪمار چاولا معاملي جو نوٽيس ورتو آهي. تعڳليم واري وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته، اسڪولز وين لاءِ لاڳو ڪيل شرط ۽ ضابطن تي عمل ڪرايو وڃي ۽ متاثر وين بابت به جاچ ڪئي وڃي. ٽرانسپورٽ واري وزير سيد اويس قادر شاهه کي به واقعي کانپوءِ نوٽيس وٺندي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته اسڪول وينز جي فٽنيس، رجسٽريشن سميت ٻيون قانوني گهرجون پوريون ڪرايون وڃن. ايڪسائيز کاتي جي وزير مڪيش ڪمار چاولا به گاڏي جي رجسٽريشن ۽ ٽئڪسز بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *