Saturday , April 20 2024

انور مجيد جو پٽ اومني گروپ جي ٻن آفيسرز سوڌو گرفتار، راهداري رمانڊ تي نيب حوالي

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار ) نيب ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد جي پٽ سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، احتساب عدالت جوابدارن کي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جوابدار نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي هڪ وڌيڪ پٽ سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب ڪراچي جي هڪ ٽيم جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جوابدار طور شامل انور مجيد جي پٽ ذوالقرنين مجيد، انور مجيد جو ويجهي مائٽ خواجه سلمان يونس ۽ اومني گروپ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ملڪ عبدالوحيد کي گرفتار ڪر يورتو آهي. نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار ٽنهي جوابدارن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ جي درخواست ڪئي.  عدالت جوابدارن کي چئن ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي ڪري چئن ڏينهن اندر لاڳاپيل عدالت اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  ذوالقرنين مجيد نيب تي تشدد جو الزام هنيو جنهن تي عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ذوالفقار مجيد جو طبي معائنو ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *