Saturday , April 20 2024

انفارميشن آفيسرن جي غلط ڀرتين جو چيف جسٽس نوٽيس وٺي _ زرياب ڪاڪا

بينظير جي شهادت کانپوءِ بحال ٿيل ”بهترين انتقام“ واري جمهوريت ۾ جمهوريت جي دشمنن ۽ ويرين کي ته پ پ قيادت وڏن پروٽوڪولن ۽ اعزازن سان نوازيو پر جيڪو انتقام وٺڻو هو اهو وري ان جمهور کان ورتو ويو جنهن جي ووٽ جي پرچي ۽ شهيد بينظير جي عظيم قرباني سان حڪومت ملي هئي. گذريل حڪومتي دور ۾ سنڌ ۾ جيڪا ميرٽ جي لتاڙ ٿي آهي، ايتري ماضي ۾ شايد ئي ڪڏهن ٿي هجي. رڳو هڪڙي انفارميشن کاتي ۾ ئي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي پٺي ڏئي ان دور جي بااثر وزير شرجيل انعام ميمڻ سڌي ريت ڊپارٽمينٽل ڪاميٽي کان انٽرويو ڪرائي 43 انفارميشن آفيسر ڀرتي ڪري ڇڏيا، جن مان خير سان ٻه چار ڏينهن اڳ 39 ڄڻا 17هين گريڊ ۾ پڪا ڪيا ويا آهن. بطور انفارميشن آفيسر ڀرتي ٿيلن ۾ اڪثريت پ پ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي اولاد ۽ عزيزن مان آهي، سڌي ريت ڀرتي ڪيل انفارميشن آفيسرن ۾ ڪجهه سيٽون ڪامورن ۽ صحافت سان لاڳاپيلن کي به ماٺ ڪرائڻ لاءِ ڏنيون ويون آهن. پهريان ته ڄاڻايل جاين لاءِ اهڙين اخبارن ۾ اشتهار ڏنو ويو هو، جيڪي صرف شرجيل انعام ۽ اڳوڻو سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار شالواڻي پڙهندا هئا پر نوڪري جي انتظار ۾ ويٺل محنتي نوجوانن تائين اهو اشتهار پهچي ويو ۽ وڏي انگ ۾ ماس ڪميونيڪيشن جي ڊگري رکندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين نوڪري لاءِ درخواستون ڏنيون، جن کان ڊپارٽمينٽل ڪاميٽي انٽرويو ڪيا، انٽرويو ڏيندڙن مان ته ڪنهن کي به نوڪري نه ملي پر جن انٽرويو واري ڏينهن گهر ويهي آرام ڪيو ۽ انٽرويو ڏيڻ لاءِ آيلن تي چٿرون ڪيون اهي واقعي به گهر ويٺي سترهين گريڊ ۾ ڀرتي ٿي ويا. مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته 43 مان چار ”لاڏلا“ ته ڪاميٽي اهڙا به رکي ڇڏيا جن جا ڪاغذ ئي پورا نه هئا ۽ انهن کان جڏهن پڪي ڪرڻ لاءِ ڪاغذ گهريا ويا ته اهي جمع نه ڪرائي سگهيا ۽ آخرڪار ڪاميٽي سندن نالن اڳيان وڏي وزير کي لکي موڪليا ته ڪاغذ جمع نه ڪرائي سگهڻ ڪري سندن نالا پڪي ڪرڻ لاءِ تجويز نه ڪيا ويا آهن. جن جا ڪاغذ ئي اڻپورا هئا، انهن تقريبن ڇهن سالن تائين 17هين گريڊ جي پگهار ڪيئن پئي کنئي ۽ ڪٿان پئي کنئي؟ شرجيل انعام ميمڻ ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار شالواڻي جا نالا انفارميشن کاتي ۾ ڪيل سندن ”انقلابي“ ڪمن جي ڪري هونئن ئي تمام گهڻا مشهور آهن، هي هڪڙو ڪيس جيڪڏهن سندن کاتي ۾ اچي ويو ته ان سان سندن نامياري شخصيت تي ڪهڙو فرق ٿو پئي. هونئن به چوندا آهن ته ”داغ تو اڇي هوتي هين.“ سنڌ ۾ ماس ڪميونيڪيشن جي ڊگري جاري ڪندڙ ڪراچي يوينورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين خانگي تعليمي ادارن کي مهرباني ڪري پنهنجا دڪان بند ڪرڻ گهرجن. سنڌ جي ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ڪامورن جي گهرن ۾ جڏهن ڪميونيڪيشن جا ماهر ڊاڪٽر گوئبلز پيدا ٿي رهيا آهن ته پوءِ وڌيڪ ڪميونيڪشين جي ڊگري رکندڙن جي فوج پيدا ڪرڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي. شرجيل انعام جي وزارت واري دور ۾ قاعدن ۽ ضابطن کي لتاڙي ڀرتي ڪيل مذڪوره انفارميشن آفيسرن خلاف هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۽ سکر ۾ ماس ڪميونيڪيشن جي ڊگري هولڊر شاگردن پاران پٽيشن بـ داخل ٿيل آهي، جيڪو ڪيس اڃان هلندڙ آهي ۽ ان جو ڪو حتمي فيصلو به ناهي آيو تـ پوءِ سنڌ حڪومت عدالت جي توهين ڪندي انهن کي ريگيولر ڪيئن ڪيو آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿي ڪجي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسانکي انصاف ڏيارين.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *