Wednesday , April 17 2024

انصارالاسلام جي ڪارڪنن تي اسلام آباد ۾ داخلا تي پابندي لاڳو، فضل الرحمان جي بلاول سان ملاقات جو امڪان

انصارالاسلام جي ڪارڪنن تي اسلام آباد ۾ داخلا تي پابندي لاڳو، فضل الرحمان پاران هر صورت ۾ اسلام آباد پهچڻ جو اعلان

 

لاڙڪاڻو/سکر/اسلام آباد(رپورٽرز سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت جمعيت علماءَ اسلام (ف) جي ذيلي تنظيم جماعت انصارالاسلام جي ڪارڪنن تي اسلام آباد شهر ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آزادي مارچ هر صورت ۾ ٿيندو ۽ اسلام آباد به هر صورت ۾ پهچنداسين، ميان نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري به حمايت ڪئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فضل الرحمان وچ ۾ جمعي ڏينهن شام جو لاڙڪاڻي يا ڇنڇر تي ملاقات جو به امڪان آهي، مولانا فضل الرحمان لاڙڪاڻي ۾ ترسي پيو، ڇنڇر تي شام جو ڪراچي پهچندو. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو آزادي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت جي خاطري ڪرائي ڇڏي. جي يو آءِ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان نوازشريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ڌار ڌار فون تي رابطو ڪيو. پڌرائي موجب نوازشريف سان ڳالهه ٻولهه دوران مولانا فضل الرحمان سندس طبيعت پڇي ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. جڏهن ته نوازشريف آزادي مارچ ۾ ڪارڪنن جي ڀرپور شرڪت جو اشارو به ڏنو، صحت جي شديد خرابي باوجود مارچ جي ڀرپور حمايت تي مولانا فضل الرحمان نوازشريف جا ٿورا مڃيا.

جي يو آءِ موجب مولانا فضل الرحمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان به فون تي رابطو ڪيو ۽ آزادي مارچ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب بلاول ڀٽو مولانا فضل الرحمان کي مارچ ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي ۽ کانئس سوال ڪيو ته مان آزادي مارچ ۾ ڪٿان شرڪت ڪيان؟ جنهن تي مولانا فضل الرحمان کيس مشورو ڏنو ته اوهان سکر مان شرڪت ڪيو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ کان اڳ ملاقات جو به امڪان آهي، بلاول رابطي دوران چيو ته هو هڪ ٻن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي اچي رهيو آهي، اوهان سان اتي ئي ملاقات ڪندس. واضح رهي ته جي يو آءِ 27 آڪٽوبر کان حڪومت خلاف آزادي مارچ جو اعلان ڪري چڪي آهي، 31 آڪٽوبر تي مارچ اسلام آباد ۾ داخل ٿيندو.

وفاقي حڪومت جميعت علماءَ اسلام (ف) جي ماتحت تنظيم انصارالاسلام جي ڪارڪنن کي خطرناڪ قرار ڏيندي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ تي مڪمل طورت پابندي لاڳوم ڪري ڇڏي آحي، وفاقي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته، انصارالاسلام جا ڪارڪن اسلام آباد ۾ وڳوڙ/ دهشتگردي ڪري سگهن ٿا، ڇو ته اهي مڪمل تربيت يافتا آهن. انهن جي  اسلام آباد ۾ داخلا تي پابندي هوندي.

ذوالفقار مرزا جي پٽ حسنين مرزا، ملڪ رياض جي ناٺي کان ڏوڪڙ ورتا، ريفرنس داخل

 

 

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *