Friday , March 29 2024

پاناما ڪيس جو فيصلو20اپريل تي_ ابتي ڳڻپ شروع، خميس ڏينهن 2 وڳي کانپوءِ پاڪستان جي سياسي صورتحال ڪٿي بيهندي…؟؟

 Panama 1

پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ مشهوري ماڻيندڙ ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جو وقت ويجهو اچي پهتو آهي، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ لاءِ تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ هلندڙ هفتي جي سپليمينٽري ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن مطابق پاناما ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو 20 اپريل خميس ڏينهن منجهند جو 2 وڳي ٻڌايو ويندو.

پاناما ڪيس جي ٻئي مرحلي جي ٻڌڻين بعد سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ پاران 23هين فيبروري 2017 تي محفوظ ڪيو ويو هو.

پاناما ليڪس جي منظر تي اچڻ بعد پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پاران 3 ڌار ڌار درخواستون داخل ڪيون ويون، جن ۾ وزيراعظم نواز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي نَياڻَي ڪئپٽن صفدر، نيب ۽ ايف بي آر جي چيئرمينز کي ڌر بڻايو ويو هو.

پاناما ڪيس جون شروعاتي ٻڌڻيون سپريم ڪورٽ جي ان وقت جي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ قائم لارجر بئنچ ڪيون، جنهن ۾  جسٽس اعجاز افضل، جسٽس گلزار احمد،جسٽس عظمت سعيد شيخ ۽ جسٽس اعجاز الحسن شامل هئا.

Panama 5

چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ جوڙيل لارجر بئنچ جي آخري ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس پنهنجي رٽائرمنٽ ويجهو هجڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ جوڙڻ جو حڪم ڏنو.

جنهن بعد سپريم ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس پاران سينئر جج جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي لارجر بئنچ جوڙي، جنهن آڏو نواز شريف پاران مخدوم علي خان،مريم صفدر، ڪئپٽن صفدر ۽ اسحاق ڊار پاران شاهد حامد وڪيل طور پيش ٿيا، وزيراعظم نوازشريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز پاران راجا سلمان اڪرم عدالت آڏو پيش ٿيا.

پاناما ڪيس جي ٻڌڻين دوران درخواست گذار عمران خان جو وڪيل نعيم بخاري، جماعت اسلامي پاران توفيق آصف وڪيل طور پيش ٿيا جڏهن ته شيخ رشيد پاڻ عدالت آڏو پيش ٿي موقف پيش ڪيو.

Panama 4

پاناما ڪيس جي ٻئي مرحلي جي ٻڌڻين بعد سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ ڪيس جو فيصلو 23 هين فيبروريءَ تي محفوظ ڪري ڇڏيو هو.

پاناماڪيس جون ٻنهي مرحلن دوران ٽوٽل 25 ٻڌڻيون ٿيون،جڏهن ته فيصلو هاڻي 57 ڏينهن بعد ٻڌايو ويندو.

ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪندي بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو هو ته، هي ڪيس معمولي نوعيت جو نه پر انتهائي اهم نوعيت جو آهي.

بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا چيو هو ته، هن ڪيس جو فيصلو اهڙو ڏينداسين جيڪو صدين تائين ياد رکيو ويندو.

Panama 6Panama 3

پاناما ڪيس  سپريم ڪورٽ ۾ ڪنهن پهچايو…؟؟؟

پاناما ڪيس ۾ وزيراعظم پاران اثاثا لڪائڻ جي الزام هيٺ عمران خان، سراج الحق ۽ شيخ رشيد پاران ڌارا ڌار درخواستون داخل ڪيون

پاناما ڪيس جي مک ڌرين عمران خان، سراج الحق ۽ شيخ رشيد پاران داخل ڪرايل ڌار ڌار پٽيشنز ۾ اثاثا لڪائڻ تي وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي، جڏهن نواز ليگ پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته وزير اعظم جو پاناما ۾ نالو ئي نه آهي.

پاناما ڪيس جي مک پٽيشنر عمران خان عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته وزير اعظم نواز شريف جي ڪٽنب 1993 کان 1996 تائين لنڊن ۾ فليٽ خريد ڪيا پر وزير اعظم پنهنجي نامزدگي فارمن ۾  اثاثن جو  تفصيل ڏيڻ وقت لنڊن جي فليٽن جو ذڪر ئي نه ڪيو.

عمران خان اهو به موقف اختيار ڪيو ته وزير اعظم پاران قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير ۽ الڪيشن ڪميشن وٽ جمع ڪرايل رڪارڊ ۾ وڏو فرق آهي،ان ڪري هو صادق ۽ امين نه رهيو آهي، جنهن ڪري وزير اعظم کي نااهل قرار ڏنو وڃي.

عمران خان موجب وزير اعظم  ڌي  ۽ لنڊن فليٽ جي ٽرسٽي مريم صفدر کي پنهنجي زير ڪفالت ڄاڻائي غلط بياني ڪئي. سراج الحق پنهنجي پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ته وزير اعظم پنهنجي تقرير ۾ اثاثا جي مالڪي تسليم ڪئي، عدالت ۾ سندس خلاف ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، ان ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

شيخ رشيد موجب جنهن عمر  ۾ ٻارن جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهندا آهن، ساڳي عمر ۾ ڪجهه نه ڪندڙ شريف ڪٽنب جا ارب پتي بڻجي ويا، انهن جي مني لانڊرنگ لڪائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ قطري شهزادي جو خط پيش ڪيو ويو آهي.

شيخ رشيد عدالت کان استدعا ڪئي ته وزير اعظم پنهنجي ڪٽنب جي اثاثن جا تفصيل ۽ انهن جي خريداري لاءِ استعمال ڪيل رقم جي ذريعا نه ٻڌايا آهن، ان ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

sheikh rasheedIMRANsirajul haq

پاناما ڪيس ۾ وزير اعظم جي ڪٽنب پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته وزير اعظم پاران قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير حلفي بيان نه آهي، وزيراعظم جي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير کي آئين جي آرٽيڪل 66 تحت تحفظ حاصل آهي.

 نوازشريف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته وزير اعظم جو پاناما ۾ نالو ئي نه آهي، ٺوس ثبوتن کانسواءِ وزير اعظم کي نااهل قرار نٿو ڏئي سگهجي.

پاناما ڪيس جو فيصلو عوام جي اميدن مطابق هوندو: قمر الزمان ڪائره

qaira

پاناما ڪيس جو جيڪو به فيصلو آيو قبول هوندو: پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته کين اميد آهي ته فيصلو پاڪستاني عوام جي احساس جي عڪاسي ڪندو. نعيم الحق جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس جي فيصلي جو پاڪستان تحريڪ انصاف سميت هر ماڻهو  کي انتظار هيو.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاناما ڪيس  جو فيصلو عوام جي اميدن موجب هوندو، فيصلي اچڻ کان پوءِ پ پ پنهنجي حڪمت عملي بڻائيندي.

ٻئي طرف نواز ليگ جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته پاناما ڪيس جو فيصلي جو سڀني کي انتظار هو پر جن جو نالو پاناما ۾ نه آهي ان خلاف ڪيئن فيصلو ايندو؟

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *