Friday , March 29 2024

امڪان آهي ته اسان به ناڪام ٿي وڃون: ناڻي وارو صلاحڪار حفيظ شيخ

افسوس آهي ته 72سالن ۾ ڪو به وزيراعظم پنهنجو مدو پورو ناهي ڪري سگهيو، امڪان آهي ته اسان به ناڪام ٿي وڃون: ڊاڪٽر حفيظ شيخ

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ چيو آهي ته، جيڪڏهن معيشت جي بهتري لاءِ اسان جي حڪومت به صحيح رخ ۾ قدم نه کنيا ته پوءِ اسان جي به ناڪام ٿيڻ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي  جي اجلاس کي خطاب ڪندي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ چيو ته، هن ملڪ جي اها وڏي حقيقت ۽ بدقسمتي آهي ته ڪو به وزيراعظم پنهنجو آئين مدو پورو ناهي ڪري سگهيو، صرف لياقت علي خان ئي پنهنجي مدي مان سڀ کان وڌيڪ وقت وزيراعظم رهيو. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ اسان کي معاشي پاليسين ۾ تسلسل برقرار رکڻو پوندو، حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي، جنهن جا اثر عوام تائين جلد پهچندا ۽ ان جا مثبت نتيجا به نظر اچڻ شروع ٿي ويندا. حفيظ شيخ چيو ته هاڻي اسان لاءِ هي اهم موڙ آهي جيڪڏهن اسان به صحيح رخ ۾ قدم نه کنيا ته پوءِ اسان جي به ناڪام ٿيڻ واري امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.

تعليم کاتي جو سيڪريٽري احسن منگي جبري موڪل تي روانو

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *