Friday , March 29 2024

امير ڀنڀرو ۽ نثار مورائي 94 ڪروڙ رپين جا ٺيڪا ورتا، زمينن تي به قبضا ڪيا

ڪراچي( رپورٽ آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار )سنڌ حڪومت عذير بلوچ، بلديا فيڪٽري سانحي ۽ نثار مورائي جون جي آء ٽي رپورٽس کاري ڪري ڇڏيون، نثار مورائي جي رپورٽ موجب امير ڀنڀرو ۽ نثار مورائي 94 ڪروڙ رپين جا ٺيڪا ورتا، سرجاڻي ٽائون ۾ قيمتي زمينن تي گڏجي قبضا ڪيا. نثار مورائي جي، جي آء ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، جاچ دوران نثار مورائي اعتراف ڪيو ته ھن امير ڀنڀرو سان گڏجي ٽول پلازا جو ٺيڪو 90 ڪروڙ رپين ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جو نوري آباد وارو ٺيڪو چار ڪروڙ رپين ۾ حاصل ڪيو. رپورٽ۾چيو ويو آهي ته نثار مورائي متحدا جي خلاف ايم ڪيو ايم حقيقيءَ جي مالي مدد ڪئي ۽ ھٿيار به ڏنا، امير ڀنڀرو سان گڏجي سرجاڻي ٽائون واري علائقي۾ قيمتي زمينن تي قبضا ڪيا. نثار مورائي جي آء ٽي آڏو اعتراف ڪيو ته فشر مينز ڪو آپريٽو سوسائٽي مان برطرف ڪيل ملازمن کي بابا لاڊلا جي چوڻ تي بحال ڪيو ، ايف سي ايس جي ڊائريڪٽر سلطان قمر صديقي کي علاج لاءِ ھڪ ڪروڙ رپيا ڏنا. رپورٽ۾ چيو ويو آهي ته نثار مورائي وٽ 35 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جون ملڪيتون آھن. عذير بلوچ ۽ ظفر بلوچ سان پهرين ملاقات ذوالفقار مرزا پنهنجي گھر ڪرائي ھئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *