Tuesday , March 19 2024

اميدوارن لاءِ ساڳيو ڏچو،نامزدگي فارمن سان گڏ حلف نامو جمع ڪرائڻ لازمي قرار

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اميدوارن لاءِ ساڳيو ڏچو ٻيهر پيدا ٿي ويو آهي، سپريم ڪورٽ اميدوارن لاءِ نامزدگي فارمن سان گڏ لازمي قرار ڏنل حلف نامي جو اليڪشن ڪميشن پاران تيار ڪيل مسودو منظور ڪري ورتو آهي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته حلف نامي ۾ غلط بياني ڪندڙ اميدوار کي سڌي رات سزا ملندي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن اميدوارن لاءِ نامزدگي فارم سان گڏ اضافي معلومات تي ٻڌل حلف نامو تيار ڪيو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن پاران تيار ڪيل مسودي ۾ اميدوارن کان سندس ٻٽي شهريت، زال ۽ ٻارن جي اثاثن سميت ٻيا خانا شامل ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو آهي نئون حلف نامو قومي اخبارن ۾ به شايع ڪيو وڃي ۽ ان کي اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو وڃي.

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته حلف نامي ۾ غلط ڄاڻ ڏيندڙ اميدوارن کي سپريم ڪورٽ طرفان سڌي ريت سزا ڏني ويندي. سپريم ڪورٽ طرفان چيو ويو ته اميدوار 3 ڏينهن اندر  مئجسٽريٽ وٽ حلف نامو جمع ڪرائين ۽ اِهو سمجهيو وڃي ته حلف نامو سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو پيو وڃي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اميدوار 11 جون تائين حلف نامو جمع ڪرائين، حلف نامو جمع نه ڪرائيندڙ اميدوارن جو فارم رد ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اميدوارن جي سهولت لاءِ حلف نامو اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي به جاري ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ نامزدگي ڪاغذن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني  لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پڇا ڪئي ته ڇا اياز صادق جي اپيل ٻڌڻي جوڳي آهي، سندس اپيل هڪ منٽ ۾ رد ٿي سگهي ٿي.

چيف جسٽس چيو ته هڪ رڪني بينچ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ گهرجي ها، انٽرا ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ کان سواءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست نه ٿي اچي سگهي. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ان حوالي سان 2010 ۾ فيصلا ڏئي چڪي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اميدوارن بابت مڪمل ڄاڻ ملڻ ۾ مسئلو ڪهڙو آهي، عوام کي اميدوارن جي حيثيت معلوم هئڻ گهرجي، اميدوارن کي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارڙن جا اڪائونٽ ۽ اثاثا ٻڌائڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي. چيف جسٽس چيو ته ڇا اثاثا، اڪائونٽس ۽ ٻٽي شهريت جا تفصيل نه ٻڌائڻ آئيني معاملو آهي، اميدوار حلفي بيان ڏين؟، نامزدگي ڪاغذن تي ڪو به فرق نه پوندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *