Wednesday , April 24 2024

امريڪي ڊو مور ڪٿي ڇيھ ڪندو؟ – الهه بخش راٺوڙ

rathoreامريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پهرين خطاب پاڪستان جي اصل واڳ ڌڻين جي عمارت کي ڌوڏي ڇڏيو آهي.هنن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين آمريڪا جي ”نيمڪ حلالي“ ڪئي، ان جو کين هي سلو ملڻ ڪيترن ئي جي لاءِ حيران ڪندڙ آهي.واڳ ڌڻين جا حوصلا ايترا ته پست آهن، جو انهن جو وس پڄي ته اقتدار جون واڳون سنڀالي وٺن ۽ پوءِ ”اينٽ ڪا جواب پتهر“ سان ڏين.هو اهڙي جواب جي موجودهه سول حڪومت کان به اميد ڪن ٿا، جيڪا انهن جي اميدن تي پوري لهي نٿي سگهي.نوازشريف ته ان وقت شڪراني جا نفل پڙهيا هوندا، جڏهن امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تقرير ٻڌي هوندي.انهيءَ تقرير ۾ امريڪي صدر کليو جنگ جو اعلان ڪري رهيو هو.آمريڪي صدر جي اترڪوريا جي اڳيان ته دال ڳري ڪونه ، هاڻ ان جي ڪسر به پاڪستان مان ڪڍڻ گهري ٿو.هي کلي عام چئي رهيو هو ته ”کين اها اميد نه هئي ته جيڪي آمريڪا جا دشمن آهن، انهن جون پناهه گاهون پاڪستان جي ڌرتي تي آهن“. ٽرمپ مطابق ”دنيا جون 20 دهشتگرد تنظيمون پاڪستان ۽ افغانستان ۾ سرگرم آهن، انهن تنظيمن مان آمريڪا کي خطرو آهي“. ”جيڪڏهن انهن تنظيمن هاڻ آمريڪي مفادن تي حملو ڪيو ته هو انهن جو پيڇو پاڪستان جي ڌرتي تائين ڪندا“ !

”آمريڪي دشمن جو پيڇو ڪندي پاڪستان ۾ داخل ٿيندا ۽ اهو به نه ڏسندا ته اهي ڪٿي لڪل آهن، انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پوءِ آمريڪا کي ان جي ڪيتري به قيمت ادا ڪرڻي پئي“! هو ان کان اڳ به ائين چڪا آهن، جنهن ۾ طالبان سربراهه ملان منصور کي بلوچستان ۾ مارڻ شامل آهي.ان سان گڏ ڪيترن ئي سالن کان آمريڪي پاڪستان جي ڌرتيءَ تي ڊرون حملا ڪندا رهيا پر هتان جي حاڪمن رڳو خالي احتجاج ڪيو، جيڪو عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ کانسواءِ ڪجهه به نه هو.

پاڪستان جا حڪمران ۽ هٿ ٺوڪيا دفاعي تجزئي نگار صرف اهو چئي پنهنجي دل خوش ڪندا رهجي ويا ته هي ڪا نئين ڳالهه ناهي، آمريڪي پهريان به اهڙيون گدڙ ڀڀڪيون ڏيندا رهيا آهن.هو ڊڄڻ وارا ناهن.پاڪستان جي پرڏيهي آفيس بس ايترو چيو ته ”ٽرمپ انتظاميا کي پاڪستان سان گڏجي دهشتگرديءَ خلاف قدم کڻڻ جو اعلان ڪرڻ گهربو هو“.هي ساڳيا آمريڪي آهن، جيڪي پاڪستان کي ياد ڏياري رهيا آهن ته واڳ ڌڻين دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي جا پئسا ته پورا ورتا آهن، ان جي باوجود هو دهشتگردن جي خلاف سهي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.!هنن ماضي ۾ پاڪستان کي ڪهڙا طعنا ۽ طنقا هنيا، اهي به ريڪارڊ تي موجود آهن.جيڪڏهن پاڪستان جا ظاهري ۽ لڪل حڪمران ڪجهه ڊالرن عيوض پنهنجن جوانن ۽ شهرين کي قرباني جو ٻڪرو بڻائيندا. پنهنجن ئي شهرين کي آمريڪين وٽ وڪڻي ڊالرز وصول ڪندا، ڪوليشن فنڊ جي نالي ۾ ڳري رقم گهرندا رهندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته اهوئي نڪرندو نه؟ پاڪستان جي حڪمرانن پنهنجي ڌرتي جا ڇهن کان وڌيڪ حساس فوجي اڏا انهن آمريڪين کي ڏنا.حاڪمن آمريڪين کي هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي.هنن دهشتگرديءَ جي نالي ۾ 70 هزار کان وڌيڪ شهري ۽ 7 هزار فوجي جوان مارايا.هنن سموري ملڪ کي دهشتگردن جي ”جنت“ بڻايو.انهن پرائي جنگ کي پنهنجو ڪري پيش ڪيو.ملڪ ۾ هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کانپوءِ  جهادي ڪلچر وٺي آيا، انهن دهشتگردن جي خاتمي جي نالي تي ڪيترن بي گناهن شهرين کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو.ساون سان گڏ ڪيترا سڪابه ساڙيا، هي سڀ ڪجهه حڪمرانن کي ياد رکڻ گهرجي.هي انهن جيڪو ڪجهه پوکيو آهي، اهو ئي لڻي رهيا آهن! جيڪڏهن ملڪي ۽ پرڏيهي ڪاروبار وردي وارن کان ٿئي ها ته سويلين ڇو پئدا ٿين ها؟ وردي وارن جو ڪم سرحدن تي چوڪيداري ڪرڻ هوندو آهي، پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي.اهي جيڪي عوام جي پئسن تي پلجن ٿا، اهي عام ماڻهوءَ تي حڪم هلائين ٿا، انهن جي اشاري تي وقت جا حاڪم ڪافور ٿي اڏامي وڃن ٿا.هو سمورن ملڪي ادارن کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪن ٿا، پوءِ ان جو نتيجو ته اهڙو ئي ايندو نه! ڪاغذي جنرل پرويز مشرف ئي ٻڌائي ته ملڪ کي پٽڙي تان ڪنهن لاٿو؟.هي جنرل ئي هئا، جيڪي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي  کي ڪنٽرول ڪري رهيا آهن.هاڻ اهي سفارتڪاري ڪري ڏيکارين نه؟ ٽرمپ ته انهن جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري چڪو آهي.ملڪ جي عوام کي ٻڌايو وڃي ته آمريڪين جي سهولت ڪار جو ڪردار ڪنهن ادا ڪيو؟ڪوليشن فنڊ جي نالي تي جيڪا آمريڪي رقم ملي اها ڪنهن تي خرچ ڪئي وئي ۽ ڪنهن جا کيسا ڀريا ويا؟

Trump

ڪوبه محب وطن ديس واسي پنهنجي ئي ملڪ تي ڪنهن غير جون ڌمڪيون برداشت نه ڪندو.پر جيڪڏهن ”ڪتا ڀاڙيا هوندا ته گدڙ موجون ڪندا نه“؟ پرويز مشرف ڪهڙو جنرل هو، جنهن کي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي معمولي عملدار صرف ڌمڪي ڏني ته انهن سان اهڙي حالت ڪندا، جو هو پٿر جي دور ۾ داخل ٿي ويندا! ان تي ان وقت جي فوجي حاڪمن ڊوڙي وڃي آمريڪين جو ساٿ ڏنو! اهي هڪ ڀيرو ئي سهي انڪار ڪري ڏيکارين ها نه؟ پر جيڪي آمريڪا جي نيمڪ حلالي ڪندي ترقيون وٺندا رهيا.اهي جيڪي آمريڪا جي چوڻ تي چونڊيل وزير اعظم کي ڦاسي جي ڦندي تائين وٺي ويا.اهي جيڪي ڊالرن جي سواد چکڻ کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين ملڪ کي جمهوريت کان محروم رکي ويٺا، انهن تي ڪهڙي ميار ڏجي؟

ٽرمپ جي ڌمڪين کانپوءِ ملڪ جي عوام کي ٻڌايو وڃي ته افغانستان ۾ روسين خلاف نام نهاد جهاد وڙهڻ ڪير ويا؟ طالبان جي تربيت ڪنهن ڪئي؟ حقاني نيٽ ورڪ جنهن جي ڪري پاڪستان کي دهشتگرد سمجهو ٿو وڃي، انهن جي سرپرستي ڪير ڪري رهيو آهي؟ حقاني مدرسن لاءِ خيبرپختون خوا ۾ ”طالبان خان“ 30 ڪروڙن رپين کان وڌيڪ رقم مخصوص ڪئي ! ان جي مخالفت ڇو نه ڪئي وئي؟ ڪوئيٽا شورا ڪنهن جوڙي؟ طالبان کي پاڪستان جي ڌرتي استعمال ڪرڻ ڪنهن ڏني؟ آخرڪار اسان ٻين جي ڪارڻ پنهنجي جهڳي کي آڳ لڪائڻ لاءِ ڇو تيار آهيون؟ اساما بن لادن کي ڪنهن جي آشيرواد حاصل هئي، جو کيس ايبٽ آباد ۾ رهايو ويو؟ ان عالمي دهشتگرد جو نزلو وري سول حڪومت تي ڪريو.انهن پيپلز پارٽي جي حڪومت جي خلاف ايتريون ته سازشون ڪيون، جو انهن کي ڪيترائي وزير اعظم تبديل ڪرڻا پيا.هاڻ نوازشريف ڪهڙي منهن سان چئي ٿو ته وزير اعظم گيلاني سان زيادتي ٿي ۽ هو پاڻ ڪارو ڪوٽ پائي وردي وارن جي ونگار وهڻ ويو.ميان صاحب هاڻ ڀوڳيو..!

اڳ ۾ جڏهن بنگالين تي چڙهائي ڪرڻ ويا ۽ سنهڙن سيپڪڙن بنگالين کين ٽوٽا چٻايا هئا ته پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ انهن ستين آمريڪي ٻيڙي جو انتظار ڪيو هو.هنن چين جي مدد جي تبليغ ڪئي هئي، پر زميني حقيقت ڪهڙي هئي؟ ڪوبه پاڪستان جي نام نهاد حڪمرانن جي مدد ڪرڻ لاءِ نه آيو.هو هاڻ به ”چين جي عظيم دوستي“ تي ڀاڙين ٿا.چين چئي ٿو ته اهو هاڻ پاڪستان جو ساٿ ڏيندو.افغانستان،پاڪستان جي لاءِ چور گپ آهي، اتي جيڪو ويندو، اهو غائب ٿي ويندو.آمريڪين جي لک ڪوششن جي باوجود هو جنگ کٽي نه سگهيا آهن.آمريڪي پهريان به افغانستان ۾ ليٿڙيون پائي رهيا هئا، هاڻ به پائين ٿا ۽ مستقبل ۾ به پائيندا.آمريڪي صدر ڀلي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ لک فوجي افغانستان موڪلي اتان جي صورتحال بهتر ٿيڻي ناهي.هي آمريڪي فوجي پاليسي جي ناڪامي آهي، جنهن جي ان کي ويٽنام کان به وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي آهي.هاڻ وڌيڪ آمريڪي فوجين کي ڀلي موڪليو وڃي پر پاڪستان جي واڳ ڌڻين کي ڌيان رکڻ گهرجي ته اهي فوجي افغانستان ۾ نه پر پاڪستان ۾ حساب برابر ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن! ملڪ جي عوام کي ياد هوندو ته هڪڙي ايئرفورس جي سربراهه ميڊيا ۾ چيو هو ته انهن وٽ آمريڪي ڊرونز کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت آهي،پر هو اها صلاحيت استعمال ڇو نه ڪري رهيا آهن؟.ملڪ جي سالميت کي تاراج ڪندڙ آمريڪين کي هڪ ڀيرو ئي سهي سبق سيکاريو وڃي ها، ائين ڇو نه ڪيو ويو؟ هي ڪاغذي شينهن  رڳو پنهنجي ئي عوام کي نشانو ڇو بڻائي رهيا آهن؟ انهن بلوچستان جي جيڪا حالت ڪئي، هزارين شهرين جو قتل عام ڪيو آهي،ان جو هرجاڻو ڪير ادا ڪندو؟ هو سنڌ جي سياسي ڪارڪنن سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، ڇا اهي مستقبل ۾ واڳ ڌڻين کي هار پارائيندا؟

هن ملڪ ۾ جيستائين آمريڪي نانگن کي کير پياريو ويندو، ملڪ جي اقتدار اعليٰ تي راتاهو هنيو ويندو.ملڪي سالميت تي آمريڪين سان سوديبازي ڪئي ويندي.نان اسٽيٽ ايڪٽرز جي مدد ڪئي ويندي، انهن کي محفوظ پناهه گاهون ملنديون رهنديون، پنهنجن پيرن تي بيهڻ بدران ٻين جي ڊالرن ڀاڙيو ويندو، تيستائين ڊونلڊ ٽرمپ جهڙن حڪمرانن جون ڌمڪيون برداشت ڪرڻيون پونديون.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *