Thursday , March 28 2024

امريڪي ايوان نمائندگان پاران پاڪستان کي دهشتگردن جو سهڪاري قرار ڏيڻ جو مطالبو

us parliament

آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ پاڪستان کي دهشتگردي ۾ سهڪار ڪندڙ ملڪ قرار ڏيڻ واري مطالبي جو بل پيش ڪيو ويو آهي، بل کي پيش ڪندڙ بااثر اڳواڻ ٽيڊپو ڪانگريس ۾ ايوان نمائندگان ۾ دهشتگردي بابت ذيلي ڪاميٽي جو صدر آهي ۽ ان کان اڳ به هو پاڪستان جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندو رهيو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽيڊپو پاڪستان سان گڏ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ هڪ ”انقلابي تبديلي“ جي به ڪوشش ڪئي آهي، هن بل تحت صدر کي 90 ڏينهن اندر جواب ڏيڻو پوندو ته پاڪستان عالمي دهشتگردي کي سپورٽ ڪري ٿو يا نه؟ جنهن جي 30 ڏينهن کانپوءِ پرڏيهي وزير کي هڪ رپورٽ ڏيڻي پوندي، جنهن ۾ کيس يا ته پاڪستان دهشتگردي جو ڪفيل ملڪ قرار ڏيڻو پوندو يا تفصيل سان ٻڌائڻو پوندو ته کيس ڇو نه ان زمري ۾ رکي سگهجي ٿو؟ ٽيڊپو ان بل ۾ چيو آهي ته پاڪستان نه رڳو هڪ اهڙو ساٿي ملڪ آهي، جنهن تي اعتماد نه ٿو ڪري سگهجي پر ان ڪيترن ئي سالن کان آمريڪا جي دشمنن جو ساٿ ڏنو آهي، اساما بن لادن کي پناهه ڏيڻ وارو مامرو هجي يا حقاني نيٽ ورڪ سان ڳٺ جوڙ هجي،

pak parliament

دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ڪنهن سان گڏ آهي، ان جا ڪيترائي ثبوت آهن ۽ اهو واضح آهي ته هو آمريڪا سان گڏ ناهي، هن وڌيڪ لکيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته اسان پاڪستان کي ان دوکيبازي انعام ڏيڻ تي پابندي لڳايون ۽ ان کي سرڪاري طور تي دهشتگردي کي مدد فراهم ڪندڙ ملڪ قرار ڏيون، ٽيڊپو ان بل کي پيش ڪرڻ سان گڏ دي نيشنل انٽريسٽ ميگزين ۾ دفاع جي اڳوڻي نائب وزير جيمز ڪليڊ سان گڏ هڪ گڏيل مضمون ۾ لکيو آهي ته آمريڪا کي پاڪستان سان لاڳاپن ۾ تبديلي لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان جي گڏيل رشتن کي پاسي تي رکي ڏسڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته اها پاليسي پراڻي ٿي چڪي آهي، ٽيڊپو اهڙو ئي هڪ بل گذريل سال سيپٽمبر مهيني ۾ پيش ڪيو هو، پر ان وٽ هجڻ جا آثار گهٽ هئا ڇو ته اهو اوباما انتظاميا جو آخري دور هو ۽ ان تي بحث يا فيصلي جو وقت نه بچيو هو، هن جو مشورو آهي ته ڏکڻ يا ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پيدا ٿيل ڪنهن نئين بحران سبب آمريڪا ۾ پيدا ٿيل ڪنهن بحران سبب آمريڪا جو ڌيان نه ورهائجڻ گهرجي ۽ عالمي مالياتي فنڊ ۽ ٻين اهڙن ادارن جو قرض ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهڻ واري پاڪستان جي مدد لاءِ ڊوڙڻ نه گهرجي، ان کان اڳ واشنگٽن جي ڪيترن ئي مشهور ٿنڪ ٽئنڪس ۽ ڏکڻ ايشيا جي مامرن جي ماهرن به هڪ انتهائي سخت رپورٽ ڪانگريس سامهون پيش ڪئي هئي، جنهن ۾ ان سان ملندڙ جلندڙ مشورا ڏنا ويا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *