Thursday , March 28 2024

امريڪا ڪشمير بابت پنهنجي پاليسي تبديل ناهي ڪئي: جان مڪين – انتهائي ڏکين حالتن ۾ پاڪستان خطي جي امن لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي: آرمي چيف

Army chiefsartaj azizJhon macann 002

امريڪي سينٽر جان مڪين چيو آهي ته آمريڪا ڪشمير واري پاڪ ڀارت چڪتاڻ تي پنهنجي پاليسي ۽ سياسي موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آندي، پاڪستان جي سهڪار بنا افغانستان ۾ پائدار امن قائم ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي. پاڪ فوج جي سربراھ جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان انتهائي ڏکين حالتن جي باوجود به خطي جي امن لاءِ ڪوششون وٺندو رهيو آهي. آچر ڏهاڙي آمريڪي سينيٽر جان مڪين جي سربراهي ۾ آيل امريڪي سينيٽرز جي 5 رڪني وفد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقات دوران پاڪ-آمريڪا لاڳاپن، خطي ۽ افغانستان جي صورتحال سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون. سينيٽر جان مڪين جي سربراهي ۾ 5 رڪني آمريڪي سينيٽرن جي وفد پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ لنڊي گراهم، شيلڊن وائيٽ هائوس، الزبيٿ وارن ۽ ڊيوڊ پرڊيو شامل آهن، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن، خطي جي صورتحال، افغانستان ۾ امن جي قيام، ڪيو سي جي ۾ آمريڪا جي ڪردار بابت ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي آمريڪي سفارت خاني جو ناظم الامور جوناٿن پراٽ پڻ موجود هو. ملاقات دوران آمريڪي سينيٽر جان مڪين چيو ته پاڪستان جي سهڪار کانسواءِ افغانستان ۾ امن جو قيام ممڪن ناهي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي، هن چيو ته ڪشمير بابت آمريڪا جي پاليسي ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي، آمريڪا ڪشمير بابت پنهنجي پاليسي کي جاري رکندو، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا انتهائي اهم آهن، آمريڪا ڳالهين ذريعي ڪشمير جي مسئلي جو پرامن حل چاهي ٿو.

ٻئي طرف آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي وفد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪري دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جي ساراهه ڪئي، ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان مشڪلاتن باوجود خطي ۾ امن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو، واضح رهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي آمريڪي دوري دوران صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات بعد آمريڪا ڪشميري اڳواڻ حزب المجاهدين جي سربراهه سيد صلاح الدين کي عالمي دهشتگرد قرار ڏيندي مٿس پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اهڙي بيان کانپوءِ ماهرن جو خيال هو ته ڪشمير بابت آمريڪي پاليسي ۾ تبديلي اچي وئي آهي، جنهن سان ڀارتي مؤقف جي حمايت ٿيندي، ٻئي طرف گذريل مهيني ڪابل ۾ بم ڌماڪن کانپوءِ ٿيل امن ڪانفرنس ۾ افغان صدر اشرف غني پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هو ته پاڪستان افغانستان خلاف اڻ اعلانيل جنگ مڙهي رهيو آهي، هن جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ان ڳالهه تي ڪيئن قائل ڪري سگهجي ٿو ته هڪ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي کي مدد فراهم ڪندو، افغان صدر جي اهڙي بيان کانپوءِ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو، پاڪستان اشرف غني جي سمورن الزامن کي رد ڪندي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ افغانستان جي مدد جاري رکڻ واري عظم جو اظهار ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *