Friday , April 19 2024

امداد پتافي سنڌ اسميبليءَ جي ايوان ۾ نصرت سحر عباسي کي پوتي پارائي ڀيڻ ڪري معافي وٺي ڇڏي، نصرت سحر پتافي کي معاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي: صوبائي وزير امداد پتافي فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي کي رئو پارائي معافي گهري ورتي، امداد پتافي نصرت سحر کي منٿ ڪندي چيو ته خدا جي واسطي معاف ڪيو،آئنده اهڙي غلطي نه ڪندس، نصرت سحر عباسي چيو ته امداد پتافي سنڌ جي روايت مطابق رئو پارائي معافي ورتي،تنهنڪري کيس معاف ڪريان ٿي، پر بلاول ڀٽو زرداري کي خاطري ڪرائڻي پوندي ته آئنده اهڙو ماحول پيدا ٿيڻ نه ڏنو ويندو. صوبائي وزير امداد پتافي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پ پ عورت ميمبرز کي ميڙ وٺي فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي ڏي لڙي اچي سندس مٿي تي رئو رکي سنڌ اسيمبلي جي جمعي ڏينهن واري اجلاس دوران کيس چيل جملن تي معافي گهري. امداد پتافي نصرت سحر عباسي کي مٿي تي هٿ رکي منٿ ڪئي ته انسان آهيان غلطي ٿي وئي آهي، ادي خداجي واسطي معاف ڪيو. پ پ جي عورت ميمبرز به نصرت سحر عباسي کي ڀاڪر پائي پرچايو. نصرت سحر عباسي چيو ته امداد پتافي کيس سنڌ جي روايت مطابق مٿي تي رئو پارائي ڀيڻ جو درجو ڏئي معافي گهري آهي، تنهنڪري هوءَ امداد پتافي کي معاف ڪري ٿي. نصرت سحر عباسي روئڻهارڪي ٿيندي چيو ته هوءَ ڪڏهن به معاملي کان پوئتي نه هٽي ها ڇاڪاڻ ته، جنهن ايوان ۾ ويهي اسان عورت جي تقدس ۽ حفاظت جي ڳالهه ڪندا آهيون،جيڪڏهن ان ئي ايوان ۾ عورت جي تذليل ٿئي ته پوءِ باقي ڇا رهندو، پر جيئن ته سمورا سينيئرز وچ ۾ پيا آهن ان ڪري هوءَ معاملي کي اِتي ئي ختم ڪري ٿي. نصرت سحر عباسي چيو ته هن امداد پتافي کي معاف ته ڪيو آهي پر بلاول ڀٽو زرداري کي خاطري ڪرائڻي پوندي ته آئنده اهڙو ماحول پيدا ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڇڪاڻ ته اهڙي روئيي سان نه رڳو سندس پر سمورين ڀينرن ۽ ڀائرن جي به دل آزاري ٿي. فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي ساٿ ڏيڻ تي سول سوسائٽي،خاص طور سنڌ ۽ سموري ملڪ جي عوام جا ٿورا پڻ مڃيا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *