Friday , March 29 2024

امتياز شيخ کانپوءِ سعيد غني؛ سنڌسماءَچار ويب ٽي وي تي ڪيل تجزيو سچ ثابت

امتياز شيخ کانپوءِ سعيد غني؛ سنڌسماءَچار ويب ٽي وي تي ڪيل تجزيو سچ ثابت، سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ تي ڏوهاري جو ساٿاري هجڻ جو الزام

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) صوبائي وزير امتياز شيخ تي ڏوهارين جي ساٿاري هجڻ وارن الزامن کان پوءِ صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ خلاف به پوليس سيڪريٽ رپورٽ منظر تي اچي وئي آهي، امتياز شيخ تي الزامن سان ڀرپور پوليس سيڪريٽ رپوٽ بعد سنڌ سماءَ چار ويب ٽي وي لائيو اسٽريم تي صحافي اصغر آزاد جو تجزيو سچ ثابت ٿيو آهي، اصغر آزاد پنهنجي تجزيي ۾ ڇا چيو هو، ان لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

صوبائي وزير امتياز شيخ خلاف سيڪريٽ رپورٽ تيار ڪندڙ ايس ايس پي شڪارپور۽ جمشيد ٽائون ڪراچي جي تڏهوڪي ايس پي ڊاڪٽررضوان پاران تيارڪيل صوبائي وزير پ پ جي سينئر اڳواڻ سعيد غني جي سيڪريٽر رپورٽ به منظر تي آندي وئي آهي. ايس ايس پي رضوان جي تيار ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ فرحان غني جا ڏوهارين ۽ منشيات فروشن سان لاڳاپا آحن ۽ پاڻ به ان ۾ ملوث آهن. امتياز شيخ خلاف سيڪريٽ رپورٽ تيار ڪندڙ ايس ايس پي شڪارپور اٽڪل 25 مهينا اڳ جڏهن ڪراچي جي جمشيد ٽائون ۾ ايس ايس پي هو، تڏهن هُن صوبائي وزير سعيد غني خلاف به مبينا سيڪريٽ رپورٽ تيار ڪئي هئي، جيڪا هاڻي منظر عام تي اچي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *