Saturday , April 20 2024

اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين؛اليڪشن ڪميشن37 اعتراض واري رد ڪري ڇڏي

جرمني، هالينڊ، آئر لينڊ، اٽلي ۽ فن لينڊ ٻين سبب سان گڏ ان جي سيڪيورٽي جي حوالي سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال استعمال ختم ڪري چڪا آهن

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اِي وِي ايم) کي ڌانڌلي روڪڻ بدران اليڪشن کي وڌيڪ شڪي بڻائيندڙ قرار ڏيندي 37 اعتراض واري رد ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اِي وِي ايم هيڪ ٿي سگهي ٿي ووٽر جو ڳجهي طريقي سان ووٽ ڏيڻ وارو حق به محفوظ نٿو رهي سگهي، وفاقي وزير علي محمد خان چيو آهي ته اي وي ايم تي اليڪشن ڪميشن جا اعتراض قتل جي ايف آءِ آر جي برابر آهن، سينيٽر تاج حيدر چيو آهي آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو سافٽ ويئر آسان سان تبڀيل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو موجوده ووٽنگ جي نظام کان وڌيڪ خطرناڪ ڌانڌلين جو ڪارڻ بڻجندو.

وفاقي حڪومت پاران اليڪشن سڌارن سان گڏ ووٽنگ وارو عمل به تبديل ڪرڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين / اِي وِي ايم ذريعي ووٽنگ ڪرائڻ واري عمل تگي ملڪ جي اپوزيشڻ جي سمورين سياسي پارٽين پاران اعتراض وار رد ڪرڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان به ان مشين تي 37 اعتراض واري رد ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ جي پارلياماني معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين تاج حيدر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اي وي ايم بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٽيڪنيڪل ٽيم جي نمائندن به شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي  اجلاس ۾ پيش ڪيل دستاويزن ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته ” اها ڳالهه تقريبن ناممڪن آهي ته اي وي ايم جي هر مشين تي هر طرح سان ايمانداري سان ڪم ڪري سگهجي“.

Advertisement

اجلاس ۾ شريڪ سول سوسائٽي جي نمائندن؛ اي وي ايم مشين توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ انٽرنيٽ ذريعي ووٽ جي استعمال جي به مخالفت ڪئي آهي. اجلاس ۾ شريڪ ايلڪشن ڪميشن جي خصوصي سيڪريٽري ظفر اقبال حسين ۽ اي سي پي جَي ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن ٽيڪنالوجي خضر عزيز چيو ته، مشين جي وڏي پئماني تي خريداري، آپريٽرز جي تربيت لاءِ تمام گهڻو وقت لڳندو، مشين ذريعي ووٽنگ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت پولنگ ڪرائڻ ممڪن ئي ناهي. اليڪشن ڪميشن پاران ڪيل اعتراضن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڌانڌلي روڪڻ ته ممڪن ناهي پر ڌاندلي جو وڌيڪ امڪان آهي، ووٽر جي ڳجهي ووٽ ڏيڻ واري آئيني، قانوني ۽ بنيادي  حق کي محفوظ نٿو بڻائي سگهجي، مشين هيڪ ٿي سگهي ٿي، ان جو سافٽ ويئر تبديل به ٿي سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي نمائند چيو ته اليڪشن ۾ ڪنهن به شڪايت جي ازالي لاءِ ڪنهن به قسم جو ثبوت موجود ئي نه هوندو، بيلٽ پيپر ۾ تبديلي جي حوالي  سان جيڪڏهن عدالت يا اليڪشن ڪميشن جو ڪو حڪم يا هدايت اچي وڃي ته ڊيٽا انٽيگريشن ۽ ڪنفگريشن جو بحران به پيدا ٿي سگهي ٿو، مشينن لاءِ مناسب گرمي پد، گهم کان بچاءَ واري ماحول ۾ محفوظ رکڻ ب ه وڏو مسئلو آهي جيڪو ذري گهٽ ممڪن ناهي، اليڪشن ڪميشن جي نمائندن موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ ڪو به اتفاق ناهي ٿيو، هي نظام مالي طور به درست ثابت نٿو ٿئي، مشين جي استعمال سان هڪ احتياطي اندازي جي مطابق ڏيڍ سئو ارب رپين کان وڌيڪ جو خرچو ايندو جيڪو برداشت ڪرڻ انتهائي ڏکيو مرحلو هوندو. اجلاس دوران اليڪشن ڪميشن ۽ ڪميٽي جي ميمبرن پاران ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي وئي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال جرمني، هالينڊ، آئر لينڊ، اٽلي ۽ فن لينڊ ٻين سبب سان گڏ ان جي سيڪيورٽي جي حوالي سان مشين جو استعمال ختم ڪري ڇڏيو آهي.

زيبسٽ ڪراچي جو شاگرد سرواڻ اوستو نوجوانن لاءِ اتسهائيندڙ ڪردار

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *