Tuesday , April 23 2024

اليڪشن2018: پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي وئي

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي 2018 جي چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب سنڌ اسيمبلي جون 74 سيٽون حاصل ڪري هڪ ڀيرو وري سنڌ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي بڻجي وئي آهي. سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير، مراد علي شاهه ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، اڳوڻو صوبائي وزير ضياءَ لنجار کي ناڪامي نصيب ٿي آهي. ميرپور خاص ۾ علي نواز شاهه پ پ پ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. 2018 جي عام چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جي 130 جنرل سيٽس مان 128 صوبائي تڪن تي ٿيل پولنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ٻيهر سنڌ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي ٿي سامهون آئي آهي.

هن وقت تائين سنڌ اسيمبلي جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق پ پ جا 74 اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن. سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ جي صوبائي تڪ پي ايس 80 تي ايس يو پي جي سيد جلال محمود شاهه کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب مراد علي شاهه 42 هزار 442 ووٽ کنيا؛ ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه رڳو 17 هزار 499 ووٽ حاصل ڪيا.

گهوٽڪي ضلعي پ پ پ کي هڪ تڪ پي ايس تي شڪست ملي آهي جتي پي ٽي آءِ جي اميدوار شهريار شر اڳوڻي صوبائي وزير وزير ڄام مهتاب ڏهر کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي ۾ پهچي ويو آهي. گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 21 تي پ پ جي علي نوازعرف راجا خان مهر ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.گهوٽڪي  جي تڪ پي ايس 21  تي  پيپلزپارٽي جي اميدوار علي نواز عرف راجاخان مهر؛ ايم ايم اي جي اميدوار ڄام سيف الله خان ڌاريجو کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي آهي، راجا خان مهر 32 هزار195 ووٽ حاصل ڪيا ۽ سندس مخالف اميدوار ڄام سيف الله ڌاريجو 28 هزار 537 ووٽ کڻي سگهيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *