Thursday , April 25 2024

اليڪشن ۾ پولنگ دوران تاريخي ڌانڌليون ڪيون ويون: سعيد غني

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پ پ ڪراچي ڊويزن  جي صدر سعيد غني ۽ وقار مهدي چيو آهي ته  ڪراچي ۾ چونڊن واري ڏينهن وڏيون ڌانڌليون ڪيو ن ويون ۽  قيوم آباد جي ڪچري مان سڙيل بيلٽ پيپرز هٿ ڪيا ويا آهن، جن تي تير جي مهر لڳل آهي.هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن پ پ جي اميدوارن کي هٿ وٺي هارايو ويو آهي. ڪراچي ۾ پ پ پميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻن چيو ته چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرز تبديل ڪري ڇڏيا. هنن چيو ته اسان جا بيلٽ پيپر ڪڍي ڪري ٻين پارٽين جا بيلٽ پيپر وڌا ويا.اليڪشن ڪميشن کي ڪو به حق ناهي ته اها چونڊن کي شفاف قرار ڏئي. هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي عهديدارن کي پنهنجن عهدن تي رهڻ جو ڪوبه جواز ناهي. سعيد غني چيو ته اليڪشن ڪميشن قادر پٽيل جي خلاف ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته حڪيم بلوچ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏي. پ پ اڳواڻن چيو ته لياري هجي يا ڪياماڙي يا ملير پ پ جي اميدوارن سان ناانصافيون ڪيون ويون، ڪراچي ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون ڪيون ويون، هنن سوال ڪيو ته مڪاني چونڊن دوران پي ٽي آئي کي اميدوار نه ملي رهيا هئا، اهي اڪثريت سان ڪيئن ڪامياب ٿيا. هنن اليڪشن ڪميشن کان سوال ڪيو ته شهر ۾ ڪابه چونڊ مهم  نه هئي، ان جي باوجود ايترا ووٽ ڪٿان ڪاسٽ ٿيا. هنن چيو ته پ پ جو مقابلو ايم ڪيو ايم سان هو،پي ٽي آئي سوچي به نٿي سگهي ته اها ڪراچي مان تيرهن سيٽون کڻي سگهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *