Friday , April 26 2024

اليڪشن ڪميشن وزيراعظم عمران خان جا الزام رد ڪري ڇڏيا

وزيراعظم عمران خان لاءِ نئون ڏچو پيدا ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، وزيراعظم عمران خان پاران سينيٽ چونڊون شفاف نه ڪرائي سگهڻ سميت لڳايل الزام ۽ پڇيل سوالن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم کان قوم کي خطاب ۾ اليڪشن ڪميشن بابت اٿاريل سوالن ۽ الزامن تي وضاحت طلب ڪرڻ تي به غور هلندڙ آهي پر ان بابت ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو  ويو. گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي قوم کي ڪيل خطاب ۾ اليڪشن ڪميشن کان سينيٽ اليڪشن بابت ڪيل سوالن ۽ جمهوريت کي نقصان پهچائڻ واري موقف تي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلا ٿيو، جنهن ۾ اي سي پي جي سمورين ونگز جي اختيارين به شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وزيراعظم بابت اي سي پي جو اهم بيان به سامهون اچڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن، جنهن سان صورتحال اڃا وڌيڪ منجهائيندڙ ٿي سگهي ٿي….(ڊولپنگ اسٽوري)

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *