Thursday , April 18 2024

اليڪشن ڪميشن جي پابندي باوجود گورنر ٽن ترقياتي منصوبن جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ جي گورنر ڪراچي ۾ 2  فلاءِ اورز ٺاهڻ سميت ٽن نون منصوبن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي گورن محمد زبير ڪراچي جي منگهو پير روڊ ۽ نشتر روڊ تي فلاءِ اوورز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. محمد زبير  ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي. گورنر چيو آهي ته، سخي حسن، فائيو اسٽار چورنگي ۽ فائيو اسٽار چورنگي تي ٽي نيون فلاءِ اوورز ۽ انهن سان گاڏ روڊ به ڄاهيا ويندا. ٽئي ترقياتي منصوبا جلد شروع ڪيا ويندا. سنڌ جي گورنر محمد زبير اليڪشن ڪميشن پاران نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ يا انهن جي اعلانن تي پابندي لاڳو ڪري چڪي آهي. اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي خلاف عدالت ۾ به ڪيس هلندڙ آهي، ان باوجود سنڌ جي گورنر محمد زبير ٽن نون ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *