Friday , March 29 2024

اليڪشن ڪميشن آر ٽي ايس سسٽم ۾ خرابي نه پر بنا جواز جي روڪيو: اعظم سواتي / فواد چوڌري

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي چيو آهي ته چونڊن واري ڏينهن آر ٽي ايس سسٽم کي بناجواز روڪيو ويو، جنهن جي جاچ ڪئي ويندي، شفاف جاچ لاءِ نادرا چيئرمين کي پنهنجي عهدي تان هٽايو وڃي، فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجو عهدو سنڀالڻ وقت چيو هو ته آر ٽي ايس سسٽم جي ناڪامي واري معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم سواتي چيو ته آر ٽي ايس سسٽم جي بند ٿيڻ واري معاملي جي شفاف جاچ لاءِ نادرا چيئرمين عثمان مبين کي پنهنجي عهدي تان هٽائڻ گهرجي. اسان اليڪشن ڪميشن يا ان جي عملي کي بچائڻ لاءِ نه آيا آهيون ۽ نه وري اسان نادرا کي ٽارگيٽ بڻائي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته نادرا چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرز کي فارنزڪ آڊٽ لاءِ عهدي تان ڌار ٿي وڃڻ گهرجي ها. پريس ڪانفرنس دوران اعظم سواتي جو چوڻ هو ته آر ٽي ايس سسٽم جي ناڪامي واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا جا بيان مختلف آهن، اليڪشن ڪميشن ثابت ڪري ڏيکاري ته چونڊون آزاداڻي ۽ شفاف نموني ٿيون. ان موقعي تي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته چونڊ نتيجا آر ٽي ايس سسٽم ذريعي اچي رهيا هئا، اوچتو خبر پئي ته آر ٽي ايس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ ان تي احتجاج به ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجو عهدو سنڀالڻ وقت چيو هو ته آر ٽي ايس سسٽم جي ناڪامي واري معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف اربين رپين جا پرڏيهي دورا ڪيا، سندس ڪٽنب به سرڪاري خرچن تي اربين رپين جا دورا ڪيا.

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته آئون هيلڪي ڪاپٽر جي 55 رپيا في ڪلو ميٽر خرچ واري ڳالهه تي قائم آهيان، هيلي ڪاپٽر ڪپمني جو مينوئل ڏسون ته ان ۾ به في ڪلو ميٽر خرچ 55 رپيا ئي اچي ٿو. ٻئي پاسي نادرا ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آر ٽي ايس سسٽم چونڊن واري ڏينهن مڪمل طور فعال رهيو هو ۽ اهو بند نه ٿيو. هن چيو ته آر ٽي ايس سسٽم جو آر ايم ايس سان ڪو به تعلق نه هو، آر ٽي ايس سسٽم مان ڊيٽا جو آر ايم ايس ڏانهن وڃڻ وارو بيان غلط فهمي تي ٻڌل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *