Thursday , April 25 2024

الهڏنو خواجا آءِ جي سنڌ طور ڪم جاري رکي: سنڌ هاءِ ڪورٽ _ عدالتي حڪم بعد مجيد دستي چارج ڇڏي ڏني

Sindh police logo

سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ڊي خواجا کي هٽائي سردار عبدالمجيد دستي کي وقتي آءِ جي سنڌ پوليس مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي اي ڊي خواجا کي آءِ جي سنڌ طور ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالتي حڪم بعد وقتي آءِ جي سردار مجيد دستي عهدي جي چارج ڇڏي ڏني آهي. پ پ قيادت جي اي ڊي خواجا کي هٽائڻ واري خواهش ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي وچ تي وڏو وزير مراد علي شاهه ڏچي ۾ پئجي ويو آهي. مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ڊي خواجا کي هٽائڻ خلاف اڳ ۾ ئي داخخل هڪ درخواسست تي ٻڌڻي ڪندي ، اي ڊي خواجا جون خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ ۽ مجيد دستي کي وقتي آءِ جي مقرر ڪرڻ وارن حڪم کي معطل ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ڊي خواجا کي آءِ جي سنڌ پوليس طور ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي سنڌ سرڪار کي اها به هدايت ڪئي آهي ته، ايندڙ حڪمن تائين اي ڊي خواجا کي عهدي تان نه هٽايو وڃي.

سنڌ حڪومت پاران ڪجهه ڏينهن اڳ اي ڊي خواجا جون خدمتون وفاق جي حوالي ڪري سنڌ جي نئين آءِ جي لاءِ 3 نالا تجويز ڪيا هئا. سنڌ حڪومت پاران آءِ جي سنڌ جي عهدي لاءِ سردار عبدالمجيد دستي، غلام قادر ٿيٻو۽ خادم حسين ڀٽي جا نالا شامل هئا.

majeed dasti1AD

ان دوران وفاقي حڪومت جو جواب اچڻ کان اڳ ئي سنڌ سرڪار هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي سردار عبدالمجيد دستي کي وقتي آءِ جي سنڌ مقرر ڪري ڇڏيو. مجيد دستي کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ واري عمل خلاف هڪ سماجي تنظيم پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ خلاف درخواست ۾ واڌ ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ، سردار مجيد دستي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي پنهنجي وڪيل معرفت نوٽيس جاري ڪيا. جن ۾ اهڙي عمل کي توهين عدالت جي براربر قرار ڏنو ويو.

ان سلسلي ۾ پ پ  اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته سنڌ حڪومت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *