Thursday , April 18 2024

اقاما ڪيس، فريال ٽالپر،مردا علي شاهه ۽ سهيل انور سيال کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت

ڪراچي( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار)سنڌ هاءِ ڪورٽ اقامو رکڻ وري ڪيس ۾ فريال ٽالپر،مراد علي شاهه ۽ سهيل انورسيال جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 6 جولاءِ تي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت منظور وساڻ، سردار چانڊيو ۽ ناصر شاهه جي نااهلي بابت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 13 آگسٽ تائين مهلت ڏني آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ بئنچ  اقامو رکڻ تي پ پ اڳواڻن کي نا اهل قرار ڏيڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت پ پ اڳواڻن فريال ٽالپر، مراد علي شاهه ۽ سهيل انورسيال جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن کان  6 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن منظور وساڻ، سردار چانڊيو ۽ ناصر شاهه جي نااهلي بابت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ  مهلت گهري، جنهن تي عدالت اليڪشن ڪميشن کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ 13 آگسٽ تائين وقت ڏنو. ٻڌڻي دوران ناصر شاهه جي وڪيل ڪيس جلد اڪلائڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر  چيو ته پهريان سڀني ڌرين جو جواب اچڻ ڏيو، پوءِ سڀني کي تفصيل سان ٻڌانداسين. واضح رهي ته پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر، مراد علي شاهه ۽ سهيل انور سيال خلاف داخل درخواست ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ڄاڻايل ٽئي اڳواڻ اقامو رکندڙ آهن، جنهن ڪري سندن نامزدگي فارم رد ڪري کين نااهل قرار ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *