Friday , March 29 2024

افغان طالبان پڪتيا مان 6 پرڏيهي صحافين کي اغوا ڪري ويا

افغان طالبان 6 پرڏيهي صحافين کي اغوا ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغان طالبان نجي ۽ سرڪاري ميڊيا لاءِ ڪم ڪندڙ 6 پرڏيهي صحافين کي اغوا ڪري ويا آهن، افغانستا جي پڪتا صوبي جي اختيارين اغوا جي تصديق ڪندي چيو آهي ته، صحافين کي پڪتا صوبي جي پڪتيا شهر ۾ هڪ ورڪشاپ ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ 6 صحافين کي افغاني طالبان اغوا ڪري ويا آهن، جن جي بازيابي لاءِ ڪوششُن ڪيون پيون وڃن. هڪ پرڏيهي خابرو اداري موجب افغانسان جي پڪتيا شهر ڀرسان افغان طالبان مختلف ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن لاءِ ڪم ڪندڙ 6 صحافين کي اغوا ڪري ويا آهن، افغان اختياريون اغوا ڪيل صحافين  جا نالا ظاهر ناهن ڪيا. ان سلسلي ۾ پڪتيا جي گورنر جي ترجمان عبدالله حسرت پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، ”اسان جون طالبان سان رابطو ٿي ويو آهي، جن سان ڳالهيون هلندڙ آهن ۽ اغوا ڪيل صحافين جي جاني تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي، ڪوشش آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي صحافين کي ڇڏايون “. پرڏيهي ميڊيا موجب، افغان طالبان جي هڪ اهم ذميوار ان سلسلي ۾ چيو آهي ته، ” سندن ويڙهاڪن ( مجاهدن) ڇهه صحافين کي اغوا ڪيو آهي، اسان جو پنهنجي ڪمانڊر سان رابطو ن ه پيو ٿئي، جيئن ئي ساڻس رابطو ٿيندو پوءِ صحافين کي ڇڏڻ يا نه ڇڏپڻ جو فيصلو ڪيو ويندو جيڪو فيصلو ڪمانڊر ئي ڪندو“.

بيشڪ ڪرپٽ رڳو قومپرست ئي رهيا/آهن……اصغر آزاد

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *