Thursday , April 25 2024

افغان سرحد کان پاڪ آرمي تي دهشتگردن جوحملو، 4 جوان شهيد

افغان سرحد کان پاڪ آرمي تي دهشتگردن جا ٻه ڌار ڌار حملا، فائرنگ ۾ 4 جوان شهيد، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي، 2 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) افغانستان جي پاسي کان سرحد پار دهشتگرد جا اُتر وزيرستان ۽ پاڪ افغان سرحد تي فائرنگ جا ٻه ڌار ڌار واقعا، 4 فوجي جوان شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد به مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جي بيان موجب اُتر وزيرستان جي ابا خيل ۽ اسپن وام ڀرسان سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ جو سپاهي اختر حسين شهيد ٿي ويو، جڏهن ته فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهيد سپاهي اختر حسين جو واسطو بلتستان سان آهي. آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻيو واقعو – پاڪ افغان سرحد تي پيش آيو، جتي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ ۾ رُڌل فوجين تي سرحد پار دهشتگردن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 سپاهي شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. شهيدن ۾ خيبر واسي لانس نائڪ سيد امين آفريدي، مانسهره واسي لانس نائيڪ محمد شعيب ۽ نوشهره واسي سپاهي ڪاشف علي شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *