Friday , March 29 2024

افغانستان مان امريڪي فوج جي واپسي، پاڪستان لاءِ خطرن تي پريشان آهيون: امريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو سربراهه

ڪراچي(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ”اسان افغانستان مان پنهنجون فوجون واپس ڪري رهيا آهيون، پر جيڪا پريشاني آهي اُها هي ته امريڪي فوج جي واپسي سان افغانستان ۾ القائدا ۽ داعش ٻيهر منظم ٿي وينديون، جيڪو خطي خاص طور تي پاڪستان لاءِ پريشاني جو سبب ٿيندو“، اهو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ مقرر امريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل ڪيٿ ايف ميڪنزي جو.

جنرل ڪيٿ ميڪنزي برطانوي خابرو ادارن سان ڳالهائيندي ۽ مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته، اسان کي خطرو آهي ته امريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ افغانستان ۾ دهشتگرد ٽولن خاص طور تي داعش ۽ القائدا جي ٻيهر سرگرم ٿيڻ جو خدشو موجود آهي، جيڪو وچ ايشيائي ملڪن ۽ ايران لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. امريڪي جنرل چيو ته افغانستان مان واپسي کانپوءِ افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن القائدا ۽ داعش تي جي ٻيهر سرگرم ٿيڻ تي نظر رکڻ، انهن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جي نتيجن جو تدارڪ ڪرڻ به تمام گهڻو ڏکيون ٿيندو.انتهائي ڏکيو ٿي پوندو. جنرل ڪيٿ ميڪينز جو چوڻ هو ته افغانستان جو مستحڪم ٿيڻ ۽ پرامن افغانستان خطي جي لاءِ انتهائي ضروري آهي انڪري هتي القاعدا، داعش ۽ ٻين اهڙن دهشتگرد ٽولن کي ٻيهر ڪر کڻڻ نه ڏنو وڃي ۽ نه ئي مقامي ماڻهن ۾ انهن لاءِ ڪا همدردي پيدا ٿيڻ ڏني وڃي.  سندس چوڻ آهي ته امريڪي ۽ نيٽو فورسز جي افغانستان مان نڪري وڃڻ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جو خطرو پاڪستان لاءِ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *