Friday , April 19 2024

افغانستان تي طالبان جو قبضو، صدر اشرف غني ساٿين سميت ملڪ ڇڏي ويو

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) افغانستان تي طالبان هڪ ڀيرو ٻيهر قبضو ڪري ورتو، جرمني ۽ آمريڪا سميت مختلف ملڪن سفارتخانا بند ڪري ڇڏيا، ڪابل ۾ صدارتي محل سميت اهم جاين تي طالبان ويهجي ويا، افغان صدر اشرف غني ساٿين سوڌو عمان فرار ٿي ويو آهي، اشرف غني تصديق ڪندي چيو آهي ته طالبان جي قبضي کانپوءِ ملڪ اندر وڏي خونريزي جو خدشو هو انڪري ملڪ ڇڏي ويس. پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽس موجب امريڪي فوجن جي افغانستان مان واپسي جي ڪجهه مهينن اندر ئي افغان طالبان افغان فورسز سان ويڙهاند ڪري نيٺ راڄڌاني واري شهر ڪابل تي به قبضو ورتو آهي، طالبان آچري ڏينهن 15 آگسٽ تي ڪابل ۾ صدارتي محل، گورنر هائوس، پوليس هيڊ ڪوارٽرز، افغان فورسز جي هيڊڪوارٽرز، اڏن سميت اهم جاين تي قبضو ڄمائي ورتو.

ميڊيا جي رپورٽس مطابق، طالبان جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ افغان صدر اشرف غني طالبان سان ڳالهين جو چئي  ويجهن ساٿين سوڌو ملڪ ڇڏي پرڏيهه هليو ويو، جنهن پرهيا اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي، اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله تصديق ڪئي، ان بعد اشرف غني به اڻڄاتل هنڌ تان خابرو ادارن سان ڳالهائيندي ملڪ ڇڏڻ جي تصديق ڪئي، اشرف غني جو چوڻ هو ته طالبان جي قبضي کانپوءِ مزاحمت ڪرڻ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي خونريزي جو خطرو هو، جنهن ۾ عام ماڻهن جو وڏو جاني نقصان ٿئي ها، انڪري ملڪ ڇڏي پرڏيهه هليو ويو آهي، پرڏيهي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اشرف غني عمان فرار ٿي ويو آهي ۽ اڄ سومر ڏينهن دوحا ۾ ٿيندڙ افغان ڪانفرنس ۾ شرڪت به ڪندو.

 

افغان صدر اشرف غني طرفان ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ طالبان پنهنجي ويڙهاڪن کي ڪابل ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

طالبان ترجمان مجاهد ذبيح الله مجاهد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته صبح ويڙهاڪن کي ڪابل ٻاهران روڪيو ويو هو پر اشرف غني جي ملڪ ڇڏي وڃڻ کانپوءِ طالبانن کي اهم هنڌن جو ڪنٽرول سنڀالڻ جي هدايت ڪئي آهي، ترجمان موجب غيرملڪي شهري افغانستان نه ڇڏين انهن کي ڪجهه به نه چيو ويندو، اُهي صرف هڪ ڀيرو پنهنجي افغانستان ۾ موجودگي بابت انٽري ڪرائن. اسپتالون، تعليمي ادارا ۽ ايئرپورٽس به معمول مطابق کُليل رهندا. 

طالبان ترجمان چيو ته ڪابل ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي هٽي وڃڻ کانپوءِ چورن ۽ ڦورن کان امن کي خطرو آهي، تنهن ڪري ويڙهاڪن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي ڪابل جي انهن علائقن ۾ داخل ٿي وڃن، جتان انتظاميا هٽي چڪي آهي ۽ ڦرلٽ جو خطرو آهي. هن ويڙهاڪن کي حڪم ڏنو ته اهي ڪنهن جي به گهر ۾ داخل نه ٿين ۽ نه ڪنهن کي تنگ ڪن. اهڙي اعلان کانپوءِ طالبان شهر ۾ داخل ٿي ويا ۽ پرڏيهي ميڊيا موجب طالبان ڪمانڊر دعويٰ ڪئي آهي ته انهن صدارتي محل جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *