Saturday , April 20 2024

اغوا کان بچڻ لاءِ هٿياربندن سان جهيڙيندي ناري مارجي وئي

اغوا کان بچڻ لاءِ هٿياربندن سان جهيڙيندي ناري مارجي وئي هٿياربند جوابدار ڀڄي ويا

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽر سنڌسماءَچار) خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ ماڏو ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن پاران ناري کي اغواا ڪرڻ جي ڪوشش، ناري دادلان هٿياربندن سان مزاحمت ڪري اغوا ٿيڻ کان پاڻ بچائيندي گولين جو کاڄ بڻجي وئي، جوابدار ڀڄي ويا، ڳوٺ ماڏو ۾ مسمات دادلان زال شريف جيسر کي هٿياربندن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ناري جو لاش پوسٽ ماٽم لاءِ دادو اسپتال آندو ويو جتان پوسٽ ماٽم بعد مقتولا جو لاش وارث کڻائي ويا. پوليس  جي دعويٰ موجب 5 مهينا اڳ مقتولا دادلان جي مائٽن شاهنواز جيسر کي قتل ڪري سندس ڀيڻ مختياران کي اغوا ڪيو هو، جنهن کي پوليس 52 ڏينهن کانپوءِ بازياب ڪرايو، جنهن جي پلاند ۾ دادلان کي قتل ڪيو ويو، مقتولا دادلان جا مائٽ ٺاهه لاءِ 25 سيپٽمبر تي مقتول شاهنواز جي پٽن ڏانهن ميڙ کڻي ويا هئا، جيسر برادري جي ٻنهي ڌرين وچ ۾ ثمينا ڌيءَ شبير جيسر جو سڱ مقتول شاهنواز جيسر جي پُٽ پنهل کي ڏيڻ تان ثمينا جي سئوٽن رحيم جيسر ۽ ٻين حملو ڪري شاهنواز کي قتل ۽ سندس ڀيڻ مختياران کي اغوا ڪيو هو. قتل ڪيل دادلان جو پيءُ بشير ۽ ڀاءُ رحيم جيسر شاهنواز جيسر جي قتل ۽ مختياران جي اغوا ڪيس ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد آهن ۽ سندس مڙس شريف روپوش آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *