Friday , March 29 2024

اغوا ٿيل پورهيت موهن لال بازياب، گهوٽڪي ۾ ڏوهارين جي “شر گينگ” هئڻ جو به انڪشاف

گهوٽڪي(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ڏهرڪي واسي پورهيت بازياب ٿي ويو، ايس ايس پي گهوٽڪي دعويٰ ڪئي آهي ته ڌاڙيل پورهيت کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هائ ته مقابلو ٿيو جنهن دوران پورهيت کي بازياب ڪرايو آهي، گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهارين جي ” شر گينگ “ جو به انڪشاف ٿيو آهي. ٽي ڏينهن اڳ ڏهرڪي مان اغوا ٿيل موچڪو ۽ درزڪو ڪم ڪندڙ پورهيت موهن لال کي پوليس ڏهرڪي رئونتي جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرايو ويو آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل مختلف ٽي وي چئنلز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته موهن لال جي اغوا ۽ ڌاڙيلن پاران مٿس تشدد ڪري وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي، وڊيو منظر تي اچڻ کانپوءِ پوليس منصوبابندي ڪري رونتي جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو، ان دوران ڌاڙيل پورجيت کي پنهنجي ٿاڪ تان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڌاڙيلن سان پوليس جو مقابلو ٿي پيو ۽ ڌاڙيل پورهيت کي ڇڏي ڀڄي ويا. هن چيو تهج پورهيت کي اغوا ڪري تشدد ڪندڙ ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.ايس ايس پي پاران ڌاڙيلن سان مقابلي واري دعويٰ باوجود ٻنهي پاسن کان ڪنهن به قسم جو ڪو به نقصان ناهي ٿيو نه ئي وري پوليس ڪنهن ڏاڙيل کي گرفتار ڪري سگهي آهي.

 ڌاڙيلن پاران پورهيت تي ترشدد ڪري وارثن کي پنجاهه لک رپيا ڀنگ واري رقم جو بندوبست ڪرڻ جي اپيل ڪئي، منظر تي آيل وڊيو ۾ ڌاڙيل اغوا ڪيل پورهيت موهن لال تي بي رحماڻو تشدد به ڪندي نظر اچي رهيا هئا. پورهيت موهن لال جي  وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايم پي اي شهريار شر پورجيت جي گهر پهچي  وارثن سان ملاقت ڪئي، شهريار شر اغوا ٿيل پورهيت جي وارثن کي آٿت ڏني ۽ موهن لال کي جلد ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي.

پورهيت موهن لال جي اغوا ۽ سندس بازيابي بابت سنڌسماءَچار پاران جڏهن ڏهرڪي، گهوٽڪي ۽ اوٻاوڙو ۾ صحافين، پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه مقامي ماڻهن سان رابطو ڪري معلومات ورتي ته، ڪير به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو، سنڌسماءَچار پاران انهن ،ماڻهن سان ٻيهر رابطو ڪري سندن نالا ظاهر نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، جنهن بعد هنن سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، گهوٽڪي ضلعي خاص طور تي ڏهرڪي ان جي ڀرپاسي وارن علائقن خاص طور تي رونتي جي ڪچي ۾ ڏوهارين جي ” شر گينگ “ آهي، جيڪا ڏوهه ڪندي رهي ٿي ۽ ماڻهن جي اغوا ۾ به ملوث آهي. مليل ڄاڻ مطابق انگ گينگ ۾ ڏوهاري قسم جا ماڻهو رڳو شر برادري جا نه آهن پر ٻين ذاتين جا ماڻهو به ان گينگ ۾ شامل آهن، پر انهن جي سرپرستي ڪندڙ ڏواهري ماڻهن تي بااثر ماڻهن ۽ ڪجهه پوليس ۾ موجود عملدارن جي به پٺڀرائي حاصل آهي. هڪ پوليس اهلڪار دعويٰ ڪئي ته پورهيت موهن لال جي اغوا ۾ ان ئي گينگ جا ڏوهاري ماڻهو ملوث آهن .

پورهيت موهن لال جي نياڻين والد سندس بازيابي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيءُ ڌاڙيلن جَي چنبي مان بازياب ٿي ويو آهي. هنن چيو ته، شهريار شر، پوليس جا ٿورائتا آهيون جن بابا جي حياتي بچائي کيس بازياب ڪرايو آهي، اسان انهن سمورن ماڻهن جا به ٿورائتا آهيون جن بابا جي بازيابي جي لاءِ آواز اٿاريو ۽ اسان غريبن جي زبان بڻجي ويا.

ايس ايڇ او کان ڊي آءِ جيز ۽ آءِ جي تائين سياسي بڻيل پوليس

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *