Friday , April 19 2024

اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ غريب شاگردن جو خرچ عشر۽زڪوات کاتو ڀريندو:سنڌهاءِ ڪورٽ

حيدرآباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن غريب /مستحق شاگردن جي تعليم جو سممورو خرچ عشر۽زڪوات کاتو ڀريندو؛ ان لاءِ هڪ ويب سائيٽ به جوڙي وڃي جنهن جي ذريعي مستحق شاگرد پاڻ کي رجسٽر ڪري سڌو رابطو ڪري سگهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙو حڪم نامياري وڪيل روشن علي عظيم ملاح جي درخواست تي ڏنو.سنڌ هاءِ ڪورٽ،آئيني درخواست نمبر 2013/2248 تي فيصلو ٻڌايو. عدالت عشر ۽ زڪوات کاتي کي سختي سان هدايت ڪندي چيو آهي ته سمورن اهڙن شاگردن کي جيڪي غريب گھر سان تعلق رکن ٿا انهن جي تعليم جو سمورو خرچ عشر ۽ زڪوات ڀريندي، کين وڌيڪ هدايت ڏيندي چيو تا ٽي مهينن ۾ شاگردن جي لاءِ انٽرنيٽ تي ويب سائيٽ ٺاهي وڃي ته جئين سنڌ جا سمورن غريب گهراڻن سان تعلق رکندڙ شاگرد سرڪار طرفان ڏنل وضيفو حاصل ڪري سگهن.

روشن علي عظيم ملاح ايڊووڪيٽ

عدالت درخواستگذار ۽ وڪيل روشن عظيم ملاح جو اهو موقف به تسليم ڪيو ته؛ ڪاليجن سائيڊ ۾ ٿيندڙ بي اي، ايم اي، بي ايس سي، بي ايڊ، ايم ايڊ سميت سمورن پروگرامن جي فيس به عشر ۽ زڪوات ادارو ڀري. اهڙا نوجوان جيڪي پڙهڻ چاهين ٿا پر مالي ڏکيائين سبب تعليم حاصل ڪرڻ جو خواب ساڀيان نه بڻجي سگهندو آهيهاڻي انهن جو يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جو خواب ساڀيان ماڻي سگندو. جنهن جو خرچ به سرڪاري خرچ سرڪار ڀريندي. وڪيل روشن علي عظيم ملاح جو چوڻ آهي ته، عدالتي فيصلي تحت عشر ۽ زڪوات کاتي جي اختيارين ڪجهه فارم جن جي ذريعي پڙهائي جو خرچ حاصل ڪري سگهبو اهي مونکي هائي ڪورٽ ۾ ڏنا آهن توهان جي امانت آهي توهان جي امانت توهان تائين پهچائيندس.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *