Saturday , April 20 2024

اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپي وقت وڏو وزير مراد علي شاهه ڪيڏانهن ويوهو؟

اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپي جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي اڳواٽ خبر هئي، اعجاز جکراڻي آڪٽوبر مهيني دوران گرفتار نه ٿيندو

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپي جو اطلاع اڳواٽ ئي ملي ويو هو، اطلاع ملڻ بعد وڏو وزير بنا اطلاع جي بلاول هائوس پهچي بلاول سان ملاقات ڪئي. وزيراعليٰ هائوس جي ذريعن سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ”وڏي وزير مراد علي شاهه کي سندس جيلز کاتي بابت صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي گهر تي نيب جي ڇاپي بابت اڳواٽ خبر پئجي وئي هئي، اهڙو اطلاع ملڻ کان فوري پوءِ مرادعلي شاهه بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات لاءِ جو چئي روانو ٿي ويو“، وزيراعليٰ هائوس جي ذريعن www.sindhsamaachar.com کي وڌيڪ ٻڌايو ته، ” وڏو وزير سي ايم هائوس مان رواني ٿيڻ کان لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ بلاول هائوس پهتو، اهو چئي نه ٿو سگهجي ته وڏو وزير مراد علي شاهه ايتري دير سان بلاول هائوس ڇو پهتو ۽ ان دوران هو ٻيو ڪنهن سان ملاقات ڪرڻ ويو يا نه اهو پڪ سان چئي نه ٿو سگهجي. ان ڏينهن بلاو ڀٽو زرداري سان وڏي وزير جي ملاقات واري ڪا تصوير به سامهون نه آئي هئي. “. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق وڏي وزير ان ڏينهن مراد علي شاهه ان ڏينهن ٻن اهم شخصيتن سان ملاقات ڪئي،اها ماقات لڳ ڀڳ چاليهه منٽن تائي جاري رهي، جنهن ۾ اعجاز جکراڻي جي گرفتاري نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن اعجاز جکراڻي جي گرفتاري عمل ۾ آئي به ته اها آڪٽوبر مهيني دوران نه نه ٿيندي، اعجاز جکراڻي لالءِ نومبر جو ٻيو هفتو اهم آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024/ٻه هزار چوويهه

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *