Thursday , April 18 2024

اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني پنجن ڏينهن کان مفرور

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار ) سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني نيب جي ڪرپشن ريفرنس ۾ ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ لاڳيتو گم، قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني قانوني طور هن وقت هڪ مفرور ملزم آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني نيب جي ڪڙي تائين پنهنجي گهر اندر ئي موجود هو، ڪڙو ختم ٿيڻ بعد سعودي ايمبيسي ويجهون هڪ دوست جي گهر ترسيو هو. تفصيلي رپورت موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪرپشن ريفرنس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ بعد چئن ڏينهن کان مفرور آهي. آغا سراج دراني جمعي جي رات دير تائين ڪراچي ۾ موجود هجڻ ۽ اهم پارٽي اڳواڻ سان رابطي ۾ هو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪرپشن ريفرنس ۾ عارضي ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني هڪ مفرور ملزم جي حيثيت ۾ زندگي گذاري رهيو آهي، عدالت آغا سراج دراني جي 13هين آڪٽوبر تي نيب ڪرپشن ريفرنس ۾ عارضي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن ۾ عدالت ضمانت رد ڪرڻ جو جواز ڄاڻايو هو ته درخواست گذار عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو انڪري ان سان گڏ ٻين 8 درخواستگذارن جون درخواستون رد ڪجن ٿيون. ساڳئي ڪرپشن ريفرنس ۾ شامل ٻين جوابدارن جي عارضي ضمانت واريون درخواستون منظور ڪري ڇڏيون هيون.

ضمانت واري درخواست جي رد ٿيڻ بعد نيب جي ٽيم آغا سراج دراني جي گرفتاري لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪري سندس ڊفينس واري گهر تي پهتي هئي. آغا سراج دراني جي ذاتي محافظن نيب ٽيم کي گهر ۾ داخل ٿيڻ کان اهو چئي روڪي ڇڏيو هو ته“ آغا سراج دراني پاڻ گهر تي موجود ناهي، گهر ۾ ڪو مرد به ناهي، انڪري نيب ٽيم کي گهر اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين“. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ  مطابق، آغا سراج دراني کي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست منظور ٿي ويندي ۽ درخواست رد نه ٿيندي، انڪري ئي آغا سراج ان ڏينهن عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ لاءِ ميڊيڪل جي  بنياد تي الڳ سان درخواست به نه ڏني هئي، جنهن ۾ عدالت کي عرضي ڪري ته سندس طبيعت ٺيڪ ناهي يا ڪو ٻيو اهڙو مناسب جواز ڄاڻائي ها. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب آغا سراج دراني 13 آڪٽوبر تي سعودي ايمبيسي ويجهو ڊفينس واري گهر ۾ ئي موجود هو. ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ ۽ گرفتاري جي حڪم بعد هن پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ذريعين موجب جنهن ساڻس سڌو نه ڳالهايو پر کيس پيغام ڏياريو ته ” عدالتي معاملن لاپرواهي ڪيو ٿا ته منهن به پاڻ ڏيو، اسان اسلام آباد تائين ڪيسن کي ڀوڳيون ٿا، عدالت ۾ پيش نٿا ٿي سگهون ته ٻه ٻه ڏينهن پهريان وڪيلن سان صلاح مشورو ڪري درخواست ڏئي ٿا ڇڏيون، اوهان الئي ڪنهن جي چوڻ تي پنهنجا فيصلا ڪندا ٿا وتو، اها رڳو اوهان جي نه پر سنڌ اسيمبلي ۽ پارٽي جي توهين آهي، هاڻي پنهنجو معاملو سڌو ڪيو.“

ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق پيپلزپارٽي جي اهم شخصيت پاران اهڙو جواب ملڻ تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني سخت پريشان ٿي ويو ۽ ڪنهن به پارٽي اڳواڻ سان رابطي بدران، پنهنجي هڪ ويجهي مائٽ کي فون ڪري صورتحال کان آگاهه ڪيو، جنهن کيس ڪجهه دير انتظار ڪرڻ جو  چيو. مليل ڄاڻ موجب آغا سراج دراني پنهنجي ان عزيز جي هدايت تي ئي پنهنجي پٽ کي گهر ٻاهران نيب ٽيم سان ڳالهين لاءِ موڪليو ۽ مرد اهلڪارن بدران عورت اهلڪارن کي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي مشروط اجازت ڏني ۽ بيڊ رومز جي سرچنگ کان به انڪار ڪيو، جنهن جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ يعني لڳ ڀڳ ساڍن 9 ڪلاڪن کانپوءِ نيب ٽيم آغا سراج دراني جي گهر جي سرچنگ کانسواءِ واپس رواني ٿي وئي.

ذريعين جو چوڻ آهي ته آغا سراج دران 13هي ۽ 14هين آڪٽوبر جي وچ واري رات جو دير سان اڌ ڪلوميٽر جيتري فاصي تي موجود پنهنجي عزيز جي گهر وڃڻ لاءِ 3 گاڏيون تبديل ڪيون، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني پنهنجي عزيز معرفت اسلام آباد وڃڻ جي ڪوششن ۾ به رڌل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ارجنٽ درخواست داخل ڪرائڻ لاءِ روڊ رستي اسلام آباد وڃڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ به سندس ان ساڳئي عزيز جي مدد وٺي رهيو آهي، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته آغا سراج دراني سومر تائين عدالت سان رجوع ڪري سگهي ٿو، ڇو ته، آغا سراج دراني کي ساڳئي ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي کان اڳ يا ته سپريم ڪورٽ مان حفاظتي درخواست ڪرائڻي پوندي يا وري، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ئي پيش ٿي، گذريل ٻڌڻي تي پيش نه ٿي سگهڻ تي عدالت کان معافي وٺي عارضي ضمانت ۾ واڌ ڪرائڻ جي ٻيهر درخواست پيش ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *