Friday , March 29 2024

اسپيشل سروسز گروپ جون ملڪي دفاع لاءِ وڏيون قربانيون آهن، ان تي فخر آهي: آرمي چيف

آرمي چيف پاران ايس ايس جي هيڊڪوارٽرز جو دورو

راولپنڊي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج جو اسپيشل سروسز گروپ ( ايس ايس جي) تي اسان کي فخر آهي، ملڪ دشمن قوتن کي ناڪام بڻائي ملڪ ۾ استحڪام آندو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ خراب ٿيڻ نه ڏينداسين. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايس ايس جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪري آفيسرسز ۽جوانن سان ملاقات ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل ٽويٽ بيان موجب، آرمي چيف آفيسرز ۽ جوانن کي خطاب ڪندي چيو ته، اسان پاڪستان خلاف ڪم ڪندڙ سمورن دشمنن کي ناڪام بڻائي ملڪ ۾ استحڪام آندو آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ان کي خراب ٿيڻ نه ڏينداسين. آرمي چيف چيو ته، ايس ايس جي ڪمانڊوز اسان جو فخر آهن، پاڪستان قائم ٿيڻ کان هن وقت تائين ايس ايس جي ڪمانڊُز جي آفيسرز ۽ جوانن ملڪي دفاع لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *