Wednesday , April 24 2024

اسٽيٽ بئنڪ ۽ ايف بي آر ۾ تڪرار، بي نامي اڪائونٽس ۽ بي نامي ملڪيتن خلاف ڪريڪ ڊائون رولي ۾ پئي ويو

ڪراچي (رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ بي نامي ملڪيتن واري مامري جي جاچ رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي، ايف بي آر پاران پهرين اپريل کان ٻنهي معاملن جي جاچ شروع ڪرڻي هئي، جيڪا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ ايف بي آر وچ ۾ ان معاملي تي تڪرار شروع ٿي  ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ايف بي آر طرفان بنا نالي وارن اڪائونٽس ۽ ملڪيتن خلاف پهرين اپريل کان ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ان حوالي سان ايف بي آر پاران بينڪن کان ٽن سالن تائين جي عرصي جا بنا نالي وارن اڪائونٽس جا تفصيل گهريا هئا، جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ في الحال هڪ سال تائين جا تفصيل ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. ذريعين موجب ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بينڪ ۾ تڪرار شروع ٿيو آهي ۽ ان تڪرار سبب بنا نالن وارن اڪائونٽس جي ڇنڊ ڇاڻ کي تيز ڪرڻ ۽ ڪريڪ ڊائون وارو عمل شروع ڪرڻ وارو دير جو شڪار ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته جعلي اڪائونٽس بابت اهڙي صورتحال ۾ ناڻي وزارت ۾ اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايف بي آر توڙي اسٽيٽ بينڪ جا عملدار به شرڪت ڪندا. ٻئي طرف ايف بي آر جي ذريعن ٻڌايو آهي ته اهڙي صورتحال باوجود بنا نالن وارن اڪائونٽس خلاف ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ بنا نالن وارن اڪائونٽس بابت ملندڙ تفصيلن جي جاچ ٿيندي، جنهن بعد نوٽيس اماڻيا ويندا، انهن نوٽيسن جا جواب نه اچڻ تي قانون تحت انهن اڪائونٽس ۾ موجود رقم ضبط ڪئي ويندي، ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته پهرين مرحلي ۾ ماهوار هڪ ڪروڙ روپين جي ٽرانزيڪشن ڪرڻ وارن اڪائونٽن جو جائزو ورتو ويندو، ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ جي فنانشل مانيٽرنگ يونٽ جي فراهم ڪيل تفصيلن جو جائزو ورتو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *