Friday , March 29 2024

اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي مان هڪ به ملازم کي بيروزگار نه ڪنداسين:ناڻي وارو وزير اسد عمر

اسلام آباد (رپورٽر   سنڌسماءَچار) ناڻي واري وزير اسد عمر پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي مان ملازمن کي نه ڪڍڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسٽيل ملز جي تباهي ۾ ملازمن جو نه پر ماضي جي حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب ٿي آهي، بدانتظامي ۾ به حڪمران ئي ملوث رهيا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قومي ادارن کي مضبوط ڪري وزيراعظم عمران خان جي اعلانيل پاليسي تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي تباهي حڪمرانن جي نااهلي ۽ انتظامي سطح تي حڪومتي مداخلت ۽ لاپرواهي سبب ٿي، ان جي تباهي ۾ ملازمن جو ڪو به ڪردار ناهي. اسد عمر چيو ته، اساناسٽيل ملز ۽ن  پي آءِ اي جي بحالي لاءِ تڪڙا قدم کڻنداسين. هن چيو ته سوئس بئنڪن ۾ ڪيتري رقم پئي آهي ڪو علم ناهي، اسحاق ڊار 4 سال اڳ ٻڌايو هو ته 200 ارب ڊالر پيا آهن، دبئي ۾ پاڪستانين جي 8 ارب ڊالرن جي ملڪيت آهي. هن چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح ٻاهرين ملڪن مان پئسو موٽائڻ آهي. وزيراعظم مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهر موڪليل پئسو موٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي.صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته، وزيراعظم هائوس ۾ 5 سئو ملازم ذاتي نوڪري ڪري رهيا هئا، هاڻ اهي ملازم عوام جي خدمت ڪندا. اسد عمر چيو ته اوور سيز پاڪستانين لاءِ بانڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو، اهو اڳ کان طئي ٿي چڪو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ بانڊ جاري ڪنداسين، ڪجهه ڏينهن ۾ بانڊز جي حتمي منظوري ڏني ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *