Thursday , April 18 2024

اسلام آباد: وزيراعظم نواز شريف سڄي ڄمار لاءِ نااهل، فوري طور تي عهدو ڇڏي ڏئي: سپريم ڪورٽ – نواز شريف ن ليگ جو سربراهه ۽ بنيادي ميمبر به نه رهيو آهي: آئيني ماهر

Pnama SCP JudgesNawaz SCP

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاناما ڪيس ۾ وزير اعظم نوازشريف نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي سپريم ڪورٽ نواز شريف کي فوري طور تي عهدي / وزارت عظميٰ کان الڳ ٿي وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ملڪ جي صدر کي عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي اليڪشن ڪميشن کي به قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ جي پانما بئنچ مان هڪ جج سڄي معاملي ۽ عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائڻ لاءِ نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويندو. ميان نواز شريف هاڻي نه وزيراعظ۾ رهيو آهي، نه ايم اين اي ۽ نه ئي مسلم ليگ ن جو سربراھ، نوازشريف ن ليگ جو بنيادي ميمبر به نه رهيو آهي.

Ishaq Dar 0Panama-Leaks 2

پاناما ڪيس جي لارجر بئنچ جو فيصلوسپريم ڪورٽ جي پنجن ئي ججز متفقه طور تي گڏيل فيصلو ڏيندي نواز شريف کي صادق ۽ امين نه هجڻ قرار ڏيندي کيس تاحيات ناقهل قرار ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ جسٽس آصف سعيد کوسا، جسٽس گلزار،جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس اعجاز افضل ۽ جسسٽس عظمت سعيد شيخ گڏيل/متفقه فيصلو ڏيندي چيو آهني ته، صدر پاڪستان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ آئيني ڪردار ادا ڪري.

سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ نواز شريف سميت فوري طور تي مريم نواز، حسن نواز، حسين نواز، ڪئپٽن صفدر ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف ڪرپشن ريفرنسز داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ لاڳاپيل ادارن ۽ اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته ٻن هفتن اندر ڪرپشن ريفرنسز داخل ڪيا وڃن ۽ نيب انهن ريفرنسز تي 6 هفتن ۾ انهن ريفرنسز تي فيصلو ڪرڻ جو به پابند ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته نواز شريف کي قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ/ ايم اين اي شپ تان ڊي سيٽ ڪرڻ لاءِ فوري طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي .

CAPTAIN-SAFDARHassn, hussain, nawaz maryam

 آئين  جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت صادق ۽ امين نه هجڻ ۽ کيس نااهل قرار ڏيڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان هاڻي نواز شريف مسلم ليگ ن جو سربراھ به ناهي رهيو ۽ نه ئي وري ن ليگ جو بنيادي ميمبر به ناهي رهيو. آئيني ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم جو عهدو ان پل/گهڙي/ وقت کان خالي آهي، وفاقي ڪابينا ختم ٿي چڪي آهي جنهن وقت سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ٻڌايو ته وزيراعظم آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت صادق ۽ امين ناهي رهيو ۽ عدالت کيس نااهل قرار ڏنو ويو آهي. آئيني ماهربئريسٽر محمد رفيق ڪلوڙ سنڌسماءَ چار کي ٻڌايو ته، هن وقت ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو ملڪ جو صدر آهي. هاڻي صدر لاءِ لازم آهي ته فوري طور تي قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائي.

ياد رهي ته، سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني عملدرآمد بئنچ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي ٻڌڻين بعد21  هين جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو، جيڪو اڄ سپريم ڪورٽ جي پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ پهرين 5 رڪني بئنچ فيصلو ٻڌايو آهي. لارجر بئنچ 20 اپريل تي ڪيس جو پهريون فيصلو ٻڌايو هو. لارجر بئنچ جي ٻن ججن جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس گلزار احمد وزيراعظم کي پهرين فيصلي ۾ نااهل قرار ڏنو هو، جنهن بعد  جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پاناما مامري جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو.

جي آئي ٽي 60 ڏينهن ۾ پاناما مامري جي مختلف پاسن کان جاچ ڪري 10 جولائي تي رپورٽ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني عملدرآمد بئنچ آڏو رپورٽ پيش ڪئي هئي، جنهن تي عملدرآمد بئنچ سمورين ڌرين جي وڪيلن جو موقف ٻڌڻ بعد 21 هين جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو…سنڌسماءَچار

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *