Saturday , April 20 2024

اسلام آباد: ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ جاري

NAB stillIshaq Dar 0

اسلام آباد جي احتساب عدالت اثاثا ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي اسحاق ڊار جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، نيب جي ترجمان وفاقي وزير اسحاق ڊار جي گهر تي ڇاپو هڻڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته نيب جي ٽيم وفاقي وزير جي گهر تي سندس ملازمن کي عدالتي سمن حوالي ڪري ڇڏيا آهن.

احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ريفرنس ۾ پيش نه ٿيڻ تي اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا. نيب ترجمان چيو آهي ته نيب لاهور جي ٽيم اسلام آباد جي منسٽر انڪليو ۾ اسحاق ڊار جي گهر عدالتي نوٽيس پهچايو. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب لاهور اسحاق ڊار جي ملڪيت جي خريد ۽ وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

نيب آفيسر جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير خلاف ڪيس هلي رهيو آهي هو پنهنجي ڪا به ملڪيت خريد يا وڪرو نٿو ڪري سگهي. نيب اسحاق ڊار جي ملڪيت بابت بينڪ کي به خط لکي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ احتساب عدالت آمدني جي ذريعن کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ريفرنس ۾ پيش نه ٿيڻ تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

عدالت اسحاق ڊار کي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم جي ڇاپي کانپوءِ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پنهنجو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *