Friday , March 29 2024

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس، هر ڀيري قطري شهزاد لائي جي ڪٿان نازل ٿين ٿا: شيخ رشيد –اسان جو سوال آهي ته ڇا وزيراعظم ايوان ۾ سچ ڳالهايو يا نه..؟؟ قمر نويد

NA islamabad

اسلام آباد: قومي اسميبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر اياز صادق ۽ شيخ رشيد وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي، اسپيڪر شيخ رشيد کي ٻڌڻي هيٺ پاناما ڪيس اتي ڳالهائڻ کان روڪنديو رهيو ، شيخ رشيد اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ وزير اعظم جي استعيفيٰ جومطالبو ڪندي چيو ته اسحاق ڊار هڪ ارب 20 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪيو آهي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پواننٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ دوران شيخ رشيد اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چيو ته تمام جلد بي بي سي جي هڪ ٻئي اسٽوري اچي رهي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ۾ همت آهي ته ان جي ترديد ڪري ڏيکاري. شيخ رشيد چيو ته ٻڌايو وڃي ته نواز شريف جي پيءَ ميان شريف سڀني کي ڇڏي رڳو هڪ پوٽي جي نالي سڀ ڪجهه ڇو ڪيو. هن چيو ته قطري اڳ به ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو بڻجي آيو هو جيڪڏهن فيصلو نواز شريف جي خلاف آيو ته نواز ليگ جو ڪوبه اڳواڻ کيس بچائي نه سگهندو. شيخ رشيد چيو ته هڪ ذميوار وزير چوي ته آءِ سي آءِ جي ، جي رپورٽ غلط آهي ، اسحاق ڊار حلفيه بيان ڏنو جنهن جي هڪ هڪ پيج تي سندس صحيحون موجود آهن

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *