Saturday , April 20 2024

اسلام آباد: حسين نواز جي تصوير ڪيئن جاري ٿي، سپريم ڪورٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي، حسن نواز ۽ حسين نواز ٻيهر جي آءِ ٽي طلب

Hussain-Nawaz-leaked-picture

سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي کان جواب طلب ڪيو آهي ته، حسين نواز جي تصوير ڪيئن ليڪ ٿي ان بابت مڪمل رپورٽ ڏني وڃي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽي رڪني خصوصي بينچ ڪالهه جيئن ئي جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌڻي شروع ڪئي ته حسين نواز جو وڪيل خواجا حارث اٿي بيٺو هن عدالت کي درخواست ڪئي ته حسين نواز جي هڪ تصوير وڊيو تان رڪارڊ ٿي ٻاهر جاري ڪئي وئي آهي.

انهي قسم جي جاچ جي وڊيو رڪارڊنگ نه ٿيندي آهي، انهي جي ڪري انهي معاملي تي اسان جاچ چاهيون ٿا، اهڙن تصويرن سان گواهه تي دٻاءُ پوندو آهي، تصوير ٻاهر اچڻ جي ذميواري جي آءِ ٽي جي آهي. انهي درخواست ۾ اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي جج تي ٻڌل هڪ ڪميشن جوڙيو وڃي، جيڪو معاملي جي جاچ ڪري. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اها تصوير وڊيو ته ناهي، اسٽل فوٽو آهي. خواجا حارث چيو ته اهو فوٽو به وڊيو تان کنيو ويو آهي، انهي تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته اوهان جي ڳالهه کي نوٽ ڪيو ويو آهي، جي آءِ ٽي وٽان جواب اچڻ ڏيو، بعد ۾ سپريم حسين نواز جي درخواست تي جي آءِ ٽي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت پنهنجي آرڊر ۾ ڄاڻايو آهي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ٿي وئي آهي، جڏهن ته حسين نواز جي تصوير جي حوالي سان درخواست تي جي آءِ ٽي کي جواب ڏيڻ جي هدايت ڪجي ٿي، سومر تي انهي درخواست تي ٻڌڻي ڪنداسين. جيڪڏهن جاچ جي ضرورت محسوس ٿي ته حڪم ڏينداسين، في الحال جي آءِ ٽي کان جواب گهري رهيا آهيون. حسين نواز جي وڪيل خواجا حارث مؤقف اختيار ڪيو ته جي آءِ ٽي جا ميمبر پنهنجن اختيارن جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، تصوير ليڪ ٿيڻ جو ذميوار جي آءِ ٽي سربراهه ۽ ميمبر آهن، حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ان جو مقصد شريف خاندان جي بي عزتي ڪرڻ آهي.

جي آءِ ٽي حسن ۽ حسين نواز کي ٻيهر طلب ڪري ورتو

پاناما جي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم وزيراعظم جي ٻنهي فرزندن کي وري ٻيهر طلب ڪري ورتو، حسن نواز اڄ ۽ حسين نواز سڀاڻي 11 وڳي جي آءِ ٽي آڏو طلب ڪيا ويا آهن، تفصيل موجب وزيراعظم جي ٻنهي پٽن کي جي آءِ ٽي ۾ ڏنل سمن اربع تي جاري ڪئي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته حسن نواز اڄ جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيندو، جڏهن ته حسين نواز سڀاڻي 11هين وڳي جي آءِ آڏو پيش ٿيندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *