Friday , March 29 2024

اسلام آباد: ارسا ۽ پنجاب جي اُرھ زورائي، سنڌ جي اعتراضن باوجود چشما جهلم ڪئنال کوليو ويو

Chashma canal

ارسا آچر ڏهاڙي سرڪاري موڪل هجڻ باوجود پنجاب جي چوڻ تي سنڌ سميت ٻين صوبن کان راءِ وٺڻ کانسواءِ ئي پنجاب کي چشما جهلم ڪئنال ذريعي واڌو پاڻي ڏئي ڇڏيو آهي. پنجاب جي اسرار تي منگلا ڊيم ۾ به پاڻي گڏ ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل جمعي ڏينهن پنجاب جي آبپاشي کاتي ارسا اختيارين کي هڪ خط اماڻيو هو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته، پنجاب جي ٻين دريائن ۾ پاڻي جا وهڪرا گهٽجي ويا آهن،ا نڪري چشما جهلم ڪئنال ۾ واڌو 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي فوري طور تي ڇڏيو وڃي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب، پنجاب پاران فوري طور پاڻي ڇڏڻ واري انگل تي ارسا پاران اها تجويز ڏني وئي ته منگلا ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ وارو عمل روڪيو وڃي يا ان ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي پر، پنجاب ان جي به مخالفت ڪندي 15 هزار ڪيوسڪ واڌو پاڻي فوري طور تي چشما جهلم ڪئنال ۾ ڇڏڻ ضد ڪري بيهي رهيو. ذريعن موجب ارسا اختيارين ۾ ايتري به همٿ نه ٿي ته هُو هڪڙو ڏينهن انتظار ڪري سگهن ۽ ورڪنگ ڊي شروع ٿيڻ بعد سي جي ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون وڃن.

مليل ڄاڻ موجب ارسا اختيارين سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کي لکت ۾ اطلاع ته نه ڪيو آهي پر انهن کي زباني يڪلامي به اطلاع ناهي ڪيو ويو. جنهن تي سنڌ سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *