Friday , March 29 2024

اسلام آباد:وزيراعظم جو خاندان سان ڏيتي ليتي ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ جي آءِ ٽي پاران نئين رخ ۾ جاچ جو فيصلو:ذريعا

Hassan nawaz4

 پاناما ليڪس ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي وزيراعظم نواز شريف جي شريف خاندان سان ڏي وٺ ۾ تعلق هجڻ يا نه هجڻ بابت حتمي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، اهم ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي وزيراعظم نواز شريف جي بيان جي روشني ۾ جاچ ڪري رهي آهي ته ان جو شريف خاندان جي ڪاروبار سان سڌي يا اڻ سڌي ريت ڪو لڳ لاڳاپو آهي يا نه؟، وزيراعظم جي پاڪستان يا پرڏيهه ۾ ملڪيت آهي يا نه؟ وزيراعظم شريف خاندان جي ماضي يا حال ۾ پاڪستان سميت عرب ملڪن يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ موجود ڪاروبار يا جائيداد سان لاڳاپيل آهي يا نه؟.

ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم؛ جي آءِ ٽي ان ڳالهه جي به جاچ ڪري رهي آهي ته وزيراعظم جو پاناما ليڪس ڪيس جي مالي معاملن سان ڪو تعلق آهي يا نه؟ وزيراعظم ماضي يا حال ۾ ڪنهن آف شور ڪمپني جو مالڪ رهيو آهي يا نه؟ جي آءِ ٽي وزيراعظم جي آمدني وارن ذريعن ۽ ٽيڪس تفصيلن بابت به جاچ پڙتال ڪري رهي آهي. ان جاچ جي روشني ۾ وزيراعظم طرفان جي آءِ ٽي کي ڏنل بيان ۽ مالي معاملن بابت رڪارڊ جي درست يا غلط هجڻ جو حتمي تعين ڪيو ويندو.

ذريعن موجب وزيراعظم جي مالي معاملن بابت جي آءِ ٽي سمورن ادارن کان رڪارڊ چيڪ ڪرائيندي ۽ پنهنجي حتمي رپورٽ تيار ڪندي، ان رپورٽ ۾ جي آءِ ٽي پاران تعين ڪيو ويندو ته وزيراعظم نواز شريف جيڪي مالي اثاثا ظاهر ڪيا آهن؛ ان جي قانوني حيٿيت ڪهڙي آهي؟، ڇا وزيراعظم نواز شريف جو پاناما ليڪس ڪيس سان ڪو سڌو تعلق آهي يا نه؟ جي آءِ ٽي رپورٽ جي روشني ۾ وزيراعظم جي مستقبل بابت قانون موجب فيصلو ڪندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي آءِ ٽي آڏو اطمينان بخش طريقي سان سمورن سوالن جا جواب ڏنا، جيڪڏهن ضرورت پئي ته جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ جي باضابطا اجازت ملڻ کانپوءِ قطر رواني ٿيندي، ان حوالي سان قانون موجب پرڏيهي وزارت سميت ٻين لاڳاپيل ادارن ۽ قطري حڪومت جو تعاون حاصل ڪيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جي آءِ ٽي قطري شهزادي حمد بن جاسم بن جبار الثاني جو بيان رڪارڊ ڪرڻ ۽ ان جي خط جي قانوني حيثيت جو فيصلو سپريم ڪورٽ ڪندي، جي آءِ ٽي جي ڪوشش آهي ته قطري شهزادو پاڪستان اچي پنهنجو رڪارڊ ڪرائي، جي آءِ ٽي کي جيڪڏهن ضرورت پئي ته هو وزيراعظم، سندس پٽن ۽ شريف خاندان جي ٻين گهر ڀاتين کي ٻيهر سمن جاري طلب ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن جي آءِ ٽي پنهنجو ڪم مقرر وقت تي مڪمل نه ڪري سگهي ته وڌيڪ 15 کان 30 ڏينهن جي واڌ لاءِ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪري سگهي ٿي. ٻئي طرف ليگي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ پنهنجي قانوني ٽيم سان ٻيهر صلاح مشورو ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن وزيراعظم کي جي آءِ ٽي جي جاچ تي امڪاني طور تي ڪي خدشا آهن ته سندس ٽيم ان معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *