Friday , March 29 2024

اسلامي جمهوري اتحاد سان جڙيل اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيڻ واري

آءِ جي آءِ جي هڪ جلسي جو ڏيک –  فائيل فوٽو

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پناما ڪيس ۾ تاحيات نااهل ٿيل نواز شريف جي سربراهي ۾ قائم ٿيل ماضي جي اتحاد اسلامي جمهوري اتحاد ( آءِ جي آءِ) کي فنڊنگ ڪرڻ بابت مشهور اصغر خان ڪيس به ٻيهر شروع ٿيڻ وارو آهي. سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن تي ٻڌڻي سومر ڏهاڙي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس ڪندي، ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سومر تي ٻڌڻي ڪندي. اڳوڻي آرمي چيف اسلم بيگ ۽ اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس پي آر اسد دراني درخواستون داخل ڪرايون آهن. عدالت درخواستگذارن کي نوٽيس جاري  ڪري ڇڏيا آهن، ٻڌڻي سومر ڏهاڙي ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *