Tuesday , April 23 2024

”اسرائيل خطي جي هڪ اهم رياست آهي“: عمان جو پرڏيهي وزير

ڪراچي(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) عمان جي پرڏيهي معاملن واري وزير چيو آهي ته، ”اسرائيل خطي ۾ هڪ ملڪ آهي ۽ اسان سڀئي ان ڳالهه کي سمجهون به ٿا، دنيا ان حقيقت کان واقف آهي“. عرب دنيا ۾ سيڪيورٽي بابت سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي مختلف عرب ملڪن جي سربراهن/ نمائندن پاران ڪيل تقريرن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته، وچ اوڀر ۾ عرب ملڪن کي اسرائيل بحيثيت ملڪ ته قبول آهي پر ايران انهن کي قبول نه آهي. مختلف خابرو ادارن جي رپورٽس مطابق، بحرين ۾ ٿيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمان جي پرڏيهي وزير يوسف بن علاوي بن عبدالله چيو ته، ”اسرائيل خطي ۾ هڪ ملڪ آهي ۽ اسان سڀئي ان ڳالهه کي سمجهون به ٿا، دنيا ان حقيقت کان واقف آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته، اسرائيل سان اهڙي ئي طرح رويو اختيار ڪيو وڃي ۽ اسرائيل تي به ساڳئي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي“. هن چيو ته، ”اسرائيل ۽ فلسطين جي معاملي ۾ اسان ثالثي وارو ڪردار ادا ڪندڙ ته نه آهيون، پر اسان ٻنهي ڌرين (اسرائيل ۽ فلسطين) کي گڏجي ويهڻ لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ڳالهين ۾ سهڪار ڪرڻ جي آڇ ڪيون ٿا“. يوسف بن علاوي بن عبدالله اهو به چيو ته، ”اسان اسرائيل ۽ فلسطين بابت پنهنجي تجويز جي مثبت نتيجن لاءِ پُراميد به آهيون“.

ان کان اڳ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير عادل بن احمد الجبير چيو ته، اسان کي ٻن وڏن محاذن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هڪ ايراني جو اونداهي طرف ڌڪڻ ۽ ٻيو سعودي کي روشني طرف وٺي وڃڻ وارو محاذ آهي، اسان کي انهن محاذن تي وڙهندي/منهن ڏينديڪيترا ئي ڏهاڪا گذري ويا آهن. خليجي ملڪ وچ اوڀر ۾ استحڪام برقرقار رکڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان لاءِ ته سعودي عرب ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀوڳي رهيو آهي( وڏي قيمت ادا ڪري رهيو آهي، اهو ڪارڻ آهي ته رياض /سعودي کي انتهائي خراب سياسي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *