Wednesday , April 24 2024

اسد دراني جهڙو عمل ڪو سويلين يا سياستدان ڪري ها ته غدار قرار ڏنو وڃي ها: رضا رباني

اسلام آباد( رپورتر    سنڌسماءَچار) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني ۽ سندس ڀارتي هم منصب طرفان لکيل ڪتاب جا سينيٽ ۾ به پڙاڏا، سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته حيرت آهي ته پاڪ ڀارت لاڳاپن ۾ بدترين ڇڪتاڻ دوران ٻنهي ملڪن جي ڳجهن ادارن جي اڳوڻن سربراهن پاران گڏيل ڪتاب لکيو ويو آهي، ٻه سويلين سربراهه گڏيل ڪتاب لکن ها ته هيل تائين غداري جا لقب ملي چڪا هجن ها، ڇا اسد دراني ڪتاب لکڻ کان اڳ واڳيل اداري يا حڪومت کان اجازت ورتي هئي؟. سينيٽ چيئرمين بچاءَ واري وزير خرم دستگير کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.سينيٽ جي اجلاس ۾ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني ۽ سندس ڀارتي هم منصب طرفان لکيل ڪتاب جا سينيٽ ۾ به پڙاڏا ٻڌا ويا. سنيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته حيرت آهي ته هڪ طرف ڀارت ۽ پاڪستان جا لاڳاپا خراب ترين سطح تي آهن، ٻي طرف ٻنهي ملڪن جي ڳجهي ايجنسين جي اڳوڻن سربراهن جي ڪتاب جي مهورت ٿي آهي.

اڳوڻي سينٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته، هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ڳجهي ايجنسين جي اڳوڻن سربراهن جو ڪتاب شايع ٿيو اهو ننڍو مسئلو ناهي.سينيٽر چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خراب لاڳاپن جو هڪ سلسلو آهي، ڪتاب اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ را جي اڳوڻي سربراهه گڏجي لکيو آهي. ڇا جنرل دراني پنهنجي اداري يا وفاقي حڪومت کان ڪتاب لکڻ جي اجازت ورتي آهي، کيس ايوان کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. رضا رباني چيو ته جيڪڏهن ٻه سويلين سربراهه گڏيل ڪتاب لکن ها ته هيل تائين غداري جا لقب ملي چڪا هجن ها، ڇا اسد دراني ڪتاب لکڻ کان اڳ واڳيل اداري يا حڪومت کان اجازت ورتي هئي؟ سينيٽ چيئرمين بچاءَ واري وزير خرم دستگير کان جواب طلب ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *