Thursday , March 28 2024

استادن جي جدوجهد رنگ لاتو، سنڌ ڪابينا اي ٽي ايس پاس استادن کي پڪوڪرڻ قانون سازي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اصغر آزاد سنڌ سماءَ چار) نيٺ سنڌ حڪومت اين ٽي ايس پاس ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل استادن کي پڪو ڪرڻ مطالبو منظور ڪري ڇڏيو، سنڌ ڪابينا استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان بل جي صورت ۾ منظوري ڏني ويندي، ڪراچي سميت سنڌ ڪنهن به شهر ۾ ايم ڪيو ايم قائد جي نالي سان منسوب ڪيل سمورين جاين ۽ رستن جا نالا به تبديل ڪيا ويندا.

سنڌ ڪابينا احتجاج ڪندڙ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ اسيمبلي مان ايڪٽ منظور ڪيو ويندو، صوبي ۾ متحده باني جي نالي سان منسوب عمارتن  جا نالا بدلائڻ جو اعلان. ڪالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس  ٿيو. ڪابينا اين ٽي ايس پاس ڪانٽريڪٽ استادن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن جي قانونسازي اسيمبلي ذريعي ڪئي ويندي. ڪابينا کان سنڌ ايجوڪيشن پرفارمنس وارو بل پڻ منظور ڪرايو ويو، جيڪو هاڻ اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو ويندو. پرفارمنس بل ذريعي تعليم ۾ وڏي پئماني تي سڌارا ڪيا ويندا ته جيئن تعليم کي بهتر ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته سٺو پڙهائيندڙ استادن کي پگهار کان علاوه ٻيون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون.

اسان 2011ع ۾ سنڌ بينڪ نئين ديري ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي قائم ڪئي هئي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداريءَ پهريون اڪائونٽ کولرايو هو. سمٽ بينڪ جي سنڌ بينڪ سان انضمام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سنڌ بينڪ جو صدر طارق احسن ۽ سي اِي او سعيد جماليءَ به شرڪت ڪئي. سنڌ ڪابينا جي ميمبرن کي پوليس رولز  جو مسودو جاري نه ڪيو ويو، جنهن تي وڏي وزير پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڪابينا قانون واري وزير کي 15 ڏينهن اندر ڊرافٽ رولز جاري ڪرڻ جو وقت ڏنو، تنهن ڪري ان معاملي کي ايندڙ ڪابينا اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو.ڪابينا اجلاس ۾ ايس پي پي آر اي ايڪٽ 2009ع ۾ ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايس پي پي آر اي سيڪشن II (پي) ”سروسز“ لفظ جي تشريح کي پنجاب پبلڪ پروڪيورمينٽ ايڪٽ 2009ع جي سروسز جي تشريح طرح ترميم ڪيو ويو، جنهن جي پڻ ڪابينا منظوري ڏني. ڪابينا سنڌ ويلفيئر اينڊ پريويشن آف ڪيورلٽي آف اينيمل ايڪٽ 2017ع جي ڊرافٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪريٽري وائلڊ لائف آصف حيدر شاهه ڪابينا کي آگاهي ڏني ته ان ايڪٽ ۾ جانورن سان ظلم يعني مارڻ، وڌيڪ وزن رکڻ، ڊيڄارڻ خلاف قانون ٺاهڻ آهي. جانور کي غيرضروري ٽرانسپورٽيشن ۾ تڪليف ڏيڻ، جانورن کي هڪٻئي سان ويڙهائڻ ۽ شرطون لڳائڻ ان قانون جو حصو آهن. ڪابينا مڪاني ادارن واري وزير، سيڪريٽري وائلڊ لائف، لائيواسٽاڪ واري وزير تي مشتمل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي رولز هڪ هفتي اندر بڻائيندي ۽ ڊرافٽ قانون واري وزارت کي پڻ پيش ڪيو ويندو. ڪابينا اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم جو باني اينٽي اسٽيٽ ڪم ڪندو رهيو آهي انڪري سندن نالي سان منسوب سڄي صوبي مان عمارتن، عوامي هنڌن ۽ ٻين جاين جا نالا بدلايا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *