Friday , April 19 2024

اسان حڪومت دوران عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي: مراد علي شاهه جو اسيمبلي ۾ الودائي خطاب

ڪراچي( رپورٽر     سنڌسماءَچار) وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو آخري اجلاس ٿيو آهي، وڏي وزير چيو ته هن شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪوبه فرق نه ڪيو ۽ وفاق سان سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو الوداعي اجلاس ٿيو، جنهن دوران صوبائي وزيرن سنڌ سرڪار ۽ خاص طور وڏي وزير جي  ڪوششن جي ساراهه ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته مون سنڌ جي عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان ڪنهن تي احسان نه ڪيو پر اهو عوام جو حق هيو، جن اسان کي ووٽ ڏئي ايوانن تائين پهچايو. وڏي وزير چيو ته هن 22 مهينن دوران رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾سٺو ڪم ڪيو پر  انهن شعبن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر ٿي آهي، مختلف شعبن ۾ ڪاميابيون ماڻيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *