Friday , March 29 2024

ارسا جي اُرهه زورائي، ربيع ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم لاءِ رڳو ڏهائي 4 ايم اي ايف پاڻي ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) انڊس رور سسثٽم اٿارٽي(ارسا) پنهنجي هوڏ ۽ ارهه زورائي برقرار رکندي سنڌ کي 1991 واري پاڻي ٺاهه تحت پاڻي ڏيڻ کان جواب ڏيندي ربيع جي سموري مند دوران رڳو ڏهائي 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي روزاني بنيادن تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ارسا ترجمان جو چوڻ آهي ته، سنڌ کي 38 ايم اي ايف کوٽ جي حساب سان صرف ڏهائي 4 ايم اي ايف پاڻي مهيا ڪري سگهبو. ارسا ربيع جي مند لاءِ سنڌ ۽ پنجاب کي 38 ايم اَي ايف کوٽ سان پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ارسا جي صلاحڪاري ڪميٽي جي اجلاس دوران ربيع جي مند دوران ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ رڳو ڏهائي 4 ايم اَي ايف پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران موسميات کاتي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ربيع جي مُند ۾ معمول کان گهٽ برساتون پوڻ جو امڪان آهي، آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ڪنهن حد تائين برسات پئجي سگهي ٿي.

ارسا هميشه جيان هن ڀيري به ربيع جي مند ۾ پاڻي جو طئه ٿيل مقدار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هر ڀيري جيان پاڻي جي کوٽ جو کاتو سنڌ جي حصي ۾ ڏيندي ربيع جي مد دوران 38 سيڪڙو سنڌ پاڻي جي کوٽ کي برداشت ڪرڻي پوندي. پاڻي جي 1991 واري ٺاهه ۽ بعد ۾ 2005 ڌاري وفاقي سرڪاري پاران پاڻي جي عالمي ماهرن جي تجويزن تي هڪ ڀيرو به عمل ناهي ڪيو ويو.  پاڻي جي 1991 واري ٺاهه موجب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پورو سال لڳ ڀڳ 10 ملين ايڪڙ فوٽ (ايم اي ايف) پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لازمي آهي. ان کانسواءِ 2005 ۾ وفاقي سرڪار جي صلاح سان پاڻي جي عالمي ماهرن پاران ڪيل هڪ سروي ۽ ان جي بنياد تي تجويز ڪيل پاڻي به مهيا نه پيو ڪيو وڃي.

عالمي پاڻي ماهرن تجويز ڪيو هو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ روزاني جي بنياد گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ وهندو رهي. ماهرن اهو به تجويز ڪيو هو ته پاڻي جي چاڙهه وارن ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ 5 ايم اي ايف پاڻي روزاني جي بنياد تي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ ڪرايو وڃي. 91 واري پاڻي ٺاهه ۽ پاڻي ماهرن جي تجويزن مان ڪنهن هڪ تي به عمل نه پيو ڪيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم زرعي طور تباهي جي ڪناري تي پهتل آحي، ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي به ميسر نه ٿو هجي. ان کانسواءِ اڊس ڊيلٽا مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي ۽ سمنڊ جون ويرون روزانو وڌي رهيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *